نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2049 | 17 | 20 | كلا نمد هؤلاء وهؤلاء من عطاء ربك وما كان عطاء ربك محظورا |
| | | ھن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان مدد ڪريون ٿا، ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڏات ڪا اٽڪيل نه آھي. |
|
2050 | 17 | 21 | انظر كيف فضلنا بعضهم على بعض وللآخرة أكبر درجات وأكبر تفضيلا |
| | | ڏس ته انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان (دنيا ۾ رزق ۽ مرتبه ۾) ڪئن ڀلو ڪيو اٿون، ۽ آخرت ته درجن ڪري بلڪل وڏي ۽ مانَ ڏيڻ ڪري بلڪل وڌيڪ آھي. |
|
2051 | 17 | 22 | لا تجعل مع الله إلها آخر فتقعد مذموما مخذولا |
| | | (اي ماڻھو تون) الله سان ٻيو ڪو معبود مقرّر نه ڪر نه ته گِلارو (۽) خوار ٿي وھندين. |
|
2052 | 17 | 23 | وقضى ربك ألا تعبدوا إلا إياه وبالوالدين إحسانا إما يبلغن عندك الكبر أحدهما أو كلاهما فلا تقل لهما أف ولا تنهرهما وقل لهما قولا كريما |
| | | ۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھين مان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئج ۽ نڪي کين جھڻڪج ۽ ساڻن چڱي ڳالھ (ادب واري) ڳالھائج. |
|
2053 | 17 | 24 | واخفض لهما جناح الذل من الرحمة وقل رب ارحمهما كما ربياني صغيرا |
| | | ۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج ته اي منھنجا پالڻھار اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي. |
|
2054 | 17 | 25 | ربكم أعلم بما في نفوسكم إن تكونوا صالحين فإنه كان للأوابين غفورا |
| | | جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو اوھان جو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪڏھن اوھين سڌريل ھوندؤ (ته بخشيندو) ڇوته الله توبه ڪندڙن کي بخشڻھار آھي. |
|
2055 | 17 | 26 | وآت ذا القربى حقه والمسكين وابن السبيل ولا تبذر تبذيرا |
| | | ۽ مائٽي وارا ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نه وڃاءِ. |
|
2056 | 17 | 27 | إن المبذرين كانوا إخوان الشياطين وكان الشيطان لربه كفورا |
| | | ڇوته اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي. |
|
2057 | 17 | 28 | وإما تعرضن عنهم ابتغاء رحمة من ربك ترجوها فقل لهم قولا ميسورا |
| | | ۽ جيڪڏھن تون (رزق جي اڻھوند ڪري) انھن کان منھن موڙين جنھن رزق جي ملڻ جي پنھنجي پالڻھار کان اميد رکين ٿو ته (کين جھڻڪي نه موٽاءِ ۽) ساڻن مٺي ڳالھ ڳالھاءِ. |
|
2058 | 17 | 29 | ولا تجعل يدك مغلولة إلى عنقك ولا تبسطها كل البسط فتقعد ملوما محسورا |
| | | ۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ نه ته ملامتي ۽ عاجز ٿي ويھي رھندين. |
|