بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
20401711ويدع الإنسان بالشر دعاءه بالخير وكان الإنسان عجولا
۽ ماڻھو مدائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو چڱائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي.
20411712وجعلنا الليل والنهار آيتين فمحونا آية الليل وجعلنا آية النهار مبصرة لتبتغوا فضلا من ربكم ولتعلموا عدد السنين والحساب وكل شيء فصلناه تفصيلا
۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون.
20421713وكل إنسان ألزمناه طائره في عنقه ونخرج له يوم القيامة كتابا يلقاه منشورا
۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ڪتاب انھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو ان کي کليل ڏسندؤ.
20431714اقرأ كتابك كفى بنفسك اليوم عليك حسيبا
(چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي.
20441715من اهتدى فإنما يهتدي لنفسه ومن ضل فإنما يضل عليها ولا تزر وازرة وزر أخرى وما كنا معذبين حتى نبعث رسولا
جنھن ھدايت لڌي تنھن پاڻ لاءِ ئي ھدايت لڌي، ۽ جيڪو ڀُلو سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي موڪليون.
20451716وإذا أردنا أن نهلك قرية أمرنا مترفيها ففسقوا فيها فحق عليها القول فدمرناها تدميرا
۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون.
20461717وكم أهلكنا من القرون من بعد نوح وكفى بربك بذنوب عباده خبيرا بصيرا
۽ ڪيترائي جڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي.
20471718من كان يريد العاجلة عجلنا له فيها ما نشاء لمن نريد ثم جعلنا له جهنم يصلاها مذموما مدحورا
جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي ان ھنڌ اھائي جلد ڏيندا آھيون جيڪي گھرندا آھيون سو جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو.
20481719ومن أراد الآخرة وسعى لها سعيها وهو مؤمن فأولئك كان سعيهم مشكورا
۽ جنھن آخرت گھري ۽ ان لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (به) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي.
20491720كلا نمد هؤلاء وهؤلاء من عطاء ربك وما كان عطاء ربك محظورا
ھن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان مدد ڪريون ٿا، ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڏات ڪا اٽڪيل نه آھي.


0 ... 193.9 194.9 195.9 196.9 197.9 198.9 199.9 200.9 201.9 202.9 204.9 205.9 206.9 207.9 208.9 209.9 210.9 211.9 212.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2650990266145422234262892523448844629