نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2039 | 17 | 10 | وأن الذين لا يؤمنون بالآخرة أعتدنا لهم عذابا أليما |
| | | ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿون. |
|
2040 | 17 | 11 | ويدع الإنسان بالشر دعاءه بالخير وكان الإنسان عجولا |
| | | ۽ ماڻھو مدائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو چڱائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي. |
|
2041 | 17 | 12 | وجعلنا الليل والنهار آيتين فمحونا آية الليل وجعلنا آية النهار مبصرة لتبتغوا فضلا من ربكم ولتعلموا عدد السنين والحساب وكل شيء فصلناه تفصيلا |
| | | ۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون. |
|
2042 | 17 | 13 | وكل إنسان ألزمناه طائره في عنقه ونخرج له يوم القيامة كتابا يلقاه منشورا |
| | | ۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ڪتاب انھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو ان کي کليل ڏسندؤ. |
|
2043 | 17 | 14 | اقرأ كتابك كفى بنفسك اليوم عليك حسيبا |
| | | (چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي. |
|
2044 | 17 | 15 | من اهتدى فإنما يهتدي لنفسه ومن ضل فإنما يضل عليها ولا تزر وازرة وزر أخرى وما كنا معذبين حتى نبعث رسولا |
| | | جنھن ھدايت لڌي تنھن پاڻ لاءِ ئي ھدايت لڌي، ۽ جيڪو ڀُلو سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي موڪليون. |
|
2045 | 17 | 16 | وإذا أردنا أن نهلك قرية أمرنا مترفيها ففسقوا فيها فحق عليها القول فدمرناها تدميرا |
| | | ۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون. |
|
2046 | 17 | 17 | وكم أهلكنا من القرون من بعد نوح وكفى بربك بذنوب عباده خبيرا بصيرا |
| | | ۽ ڪيترائي جڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي. |
|
2047 | 17 | 18 | من كان يريد العاجلة عجلنا له فيها ما نشاء لمن نريد ثم جعلنا له جهنم يصلاها مذموما مدحورا |
| | | جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي ان ھنڌ اھائي جلد ڏيندا آھيون جيڪي گھرندا آھيون سو جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو. |
|
2048 | 17 | 19 | ومن أراد الآخرة وسعى لها سعيها وهو مؤمن فأولئك كان سعيهم مشكورا |
| | | ۽ جنھن آخرت گھري ۽ ان لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (به) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي. |
|