نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3 | 1 | 3 | الرحمن الرحيم |
| | | (جو) ٻاجھارو مھربان. |
|
4 | 1 | 4 | مالك يوم الدين |
| | | قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي). |
|
5 | 1 | 5 | إياك نعبد وإياك نستعين |
| | | تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا. |
|
6 | 1 | 6 | اهدنا الصراط المستقيم |
| | | اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. |
|
7 | 1 | 7 | صراط الذين أنعمت عليهم غير المغضوب عليهم ولا الضالين |
| | | جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ). |
|
8 | 2 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الم |
| | | الٓمٓ |
|
9 | 2 | 2 | ذلك الكتاب لا ريب فيه هدى للمتقين |
| | | ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، اُنھن خدا ترسن کي سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي، |
|
10 | 2 | 3 | الذين يؤمنون بالغيب ويقيمون الصلاة ومما رزقناهم ينفقون |
| | | جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان خرچيندا آھن. |
|
11 | 2 | 4 | والذين يؤمنون بما أنزل إليك وما أنزل من قبلك وبالآخرة هم يوقنون |
| | | ۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻـين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن. |
|
12 | 2 | 5 | أولئك على هدى من ربهم وأولئك هم المفلحون |
| | | اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن. |
|