نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1980 | 16 | 79 | ألم يروا إلى الطير مسخرات في جو السماء ما يمسكهن إلا الله إن في ذلك لآيات لقوم يؤمنون |
| | | آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن. |
|
1981 | 16 | 80 | والله جعل لكم من بيوتكم سكنا وجعل لكم من جلود الأنعام بيوتا تستخفونها يوم ظعنكم ويوم إقامتكم ومن أصوافها وأوبارها وأشعارها أثاثا ومتاعا إلى حين |
| | | ۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو). |
|
1982 | 16 | 81 | والله جعل لكم مما خلق ظلالا وجعل لكم من الجبال أكنانا وجعل لكم سرابيل تقيكم الحر وسرابيل تقيكم بأسكم كذلك يتم نعمته عليكم لعلكم تسلمون |
| | | ۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو. |
|
1983 | 16 | 82 | فإن تولوا فإنما عليك البلاغ المبين |
| | | پوءِ جيڪڏھن ڦرندا ته (اي پيغمبر) توتي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي. |
|
1984 | 16 | 83 | يعرفون نعمت الله ثم ينكرونها وأكثرهم الكافرون |
| | | الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نه مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن. |
|
1985 | 16 | 84 | ويوم نبعث من كل أمة شهيدا ثم لا يؤذن للذين كفروا ولا هم يستعتبون |
| | | ۽ جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نه ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا. |
|
1986 | 16 | 85 | وإذا رأى الذين ظلموا العذاب فلا يخفف عنهم ولا هم ينظرون |
| | | ۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کائن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي. |
|
1987 | 16 | 86 | وإذا رأى الذين أشركوا شركاءهم قالوا ربنا هؤلاء شركاؤنا الذين كنا ندعو من دونك فألقوا إليهم القول إنكم لكاذبون |
| | | ۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن شريڪن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھيء اسان جا اُھي شريڪ آھن جن کي توکانسواءِ سڏيندا ھواسين، پوءِ اُھي (بُت) انھن کي ورندي ڏيندا ته اوھين ڪُوڙا آھيو. |
|
1988 | 16 | 87 | وألقوا إلى الله يومئذ السلم وضل عنهم ما كانوا يفترون |
| | | ۽ انھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کائن ڀُلجي ويندو. |
|
1989 | 16 | 88 | الذين كفروا وصدوا عن سبيل الله زدناهم عذابا فوق العذاب بما كانوا يفسدون |
| | | جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھوا. |
|