بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
19701669ثم كلي من كل الثمرات فاسلكي سبل ربك ذللا يخرج من بطونها شراب مختلف ألوانه فيه شفاء للناس إن في ذلك لآية لقوم يتفكرون
وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي.
19711670والله خلقكم ثم يتوفاكم ومنكم من يرد إلى أرذل العمر لكي لا يعلم بعد علم شيئا إن الله عليم قدير
۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
19721671والله فضل بعضكم على بعض في الرزق فما الذين فضلوا برادي رزقهم على ما ملكت أيمانهم فهم فيه سواء أفبنعمة الله يجحدون
۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
19731672والله جعل لكم من أنفسكم أزواجا وجعل لكم من أزواجكم بنين وحفدة ورزقكم من الطيبات أفبالباطل يؤمنون وبنعمت الله هم يكفرون
۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن.
19741673ويعبدون من دون الله ما لا يملك لهم رزقا من السماوات والأرض شيئا ولا يستطيعون
۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن.
19751674فلا تضربوا لله الأمثال إن الله يعلم وأنتم لا تعلمون
پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
19761675ضرب الله مثلا عبدا مملوكا لا يقدر على شيء ومن رزقناه منا رزقا حسنا فهو ينفق منه سرا وجهرا هل يستوون الحمد لله بل أكثرهم لا يعلمون
الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
19771676وضرب الله مثلا رجلين أحدهما أبكم لا يقدر على شيء وهو كل على مولاه أينما يوجهه لا يأت بخير هل يستوي هو ومن يأمر بالعدل وهو على صراط مستقيم
۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي.
19781677ولله غيب السماوات والأرض وما أمر الساعة إلا كلمح البصر أو هو أقرب إن الله على كل شيء قدير
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
19791678والله أخرجكم من بطون أمهاتكم لا تعلمون شيئا وجعل لكم السمع والأبصار والأفئدة لعلكم تشكرون
۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.


0 ... 186.9 187.9 188.9 189.9 190.9 191.9 192.9 193.9 194.9 195.9 197.9 198.9 199.9 200.9 201.9 202.9 203.9 204.9 205.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

3058309851325281586246464809173554315524