نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1917 | 16 | 16 | وعلامات وبالنجم هم يهتدون |
| | | ۽ نشان (پيدا ڪيائين)، ۽ تارن سان اُھي سِڌو رستو لھندا آھن. |
|
1918 | 16 | 17 | أفمن يخلق كمن لا يخلق أفلا تذكرون |
| | | جيڪو پيدا ڪري سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا جو (ڪي به) پيدا نه ڪري؟ پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟ |
|
1919 | 16 | 18 | وإن تعدوا نعمة الله لا تحصوها إن الله لغفور رحيم |
| | | ۽ جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو ته انھن کي (ڪڏھن به) ڳڻي نه سگھندؤ، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
1920 | 16 | 19 | والله يعلم ما تسرون وما تعلنون |
| | | ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي. |
|
1921 | 16 | 20 | والذين يدعون من دون الله لا يخلقون شيئا وهم يخلقون |
| | | ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن. |
|
1922 | 16 | 21 | أموات غير أحياء وما يشعرون أيان يبعثون |
| | | بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا. |
|
1923 | 16 | 22 | إلهكم إله واحد فالذين لا يؤمنون بالآخرة قلوبهم منكرة وهم مستكبرون |
| | | اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن. |
|
1924 | 16 | 23 | لا جرم أن الله يعلم ما يسرون وما يعلنون إنه لا يحب المستكبرين |
| | | (ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي. |
|
1925 | 16 | 24 | وإذا قيل لهم ماذا أنزل ربكم قالوا أساطير الأولين |
| | | ۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون. |
|
1926 | 16 | 25 | ليحملوا أوزارهم كاملة يوم القيامة ومن أوزار الذين يضلونهم بغير علم ألا ساء ما يزرون |
| | | (اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي. |
|