نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1900 | 15 | 98 | فسبح بحمد ربك وكن من الساجدين |
| | | ۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج. |
|
1901 | 15 | 99 | واعبد ربك حتى يأتيك اليقين |
| | | ۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي. |
|
1902 | 16 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم أتى أمر الله فلا تستعجلوه سبحانه وتعالى عما يشركون |
| | | الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري ان جي تڪڙ نه ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ انھيءَ شيءِ کان مٿان آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرّر ڪندا آھن. |
|
1903 | 16 | 2 | ينزل الملائكة بالروح من أمره على من يشاء من عباده أن أنذروا أنه لا إله إلا أنا فاتقون |
| | | پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي ته (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (ته خدا ٿو فرمائي) ته مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو. |
|
1904 | 16 | 3 | خلق السماوات والأرض بالحق تعالى عما يشركون |
| | | آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شيءِ ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان اُھو پاڪ آھي. |
|
1905 | 16 | 4 | خلق الإنسان من نطفة فإذا هو خصيم مبين |
| | | آدميءَ کي منيءَ مان خلقيائين پوءِ اوچتوئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو. |
|
1906 | 16 | 5 | والأنعام خلقها لكم فيها دفء ومنافع ومنها تأكلون |
| | | ۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو. |
|
1907 | 16 | 6 | ولكم فيها جمال حين تريحون وحين تسرحون |
| | | جنھن مھل (اُھي ڍور) سھڙائيندا ايندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي. |
|
1908 | 16 | 7 | وتحمل أثقالكم إلى بلد لم تكونوا بالغيه إلا بشق الأنفس إن ربكم لرءوف رحيم |
| | | ۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءُ جي اوکائيءَ کانسواءِ پھچي نه سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇوته اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي. |
|
1909 | 16 | 8 | والخيل والبغال والحمير لتركبوها وزينة ويخلق ما لا تعلمون |
| | | ۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (بڻايائين) ته انھن تي اوھين چڙھو ۽ (انھن) کي زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو سي (به) پيدا ڪندو آھي. |
|