نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1885 | 15 | 83 | فأخذتهم الصيحة مصبحين |
| | | پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو. |
|
1886 | 15 | 84 | فما أغنى عنهم ما كانوا يكسبون |
| | | پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو. |
|
1887 | 15 | 85 | وما خلقنا السماوات والأرض وما بينهما إلا بالحق وإن الساعة لآتية فاصفح الصفح الجميل |
| | | ۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر. |
|
1888 | 15 | 86 | إن ربك هو الخلاق العليم |
| | | بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
1889 | 15 | 87 | ولقد آتيناك سبعا من المثاني والقرآن العظيم |
| | | ۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون. |
|
1890 | 15 | 88 | لا تمدن عينيك إلى ما متعنا به أزواجا منهم ولا تحزن عليهم واخفض جناحك للمؤمنين |
| | | اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر. |
|
1891 | 15 | 89 | وقل إني أنا النذير المبين |
| | | ۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|
1892 | 15 | 90 | كما أنزلنا على المقتسمين |
| | | جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون. |
|
1893 | 15 | 91 | الذين جعلوا القرآن عضين |
| | | جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو. |
|
1894 | 15 | 92 | فوربك لنسألنهم أجمعين |
| | | (تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون. |
|