نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1881 | 15 | 79 | فانتقمنا منهم وإنهما لبإمام مبين |
| | | پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا. |
|
1882 | 15 | 80 | ولقد كذب أصحاب الحجر المرسلين |
| | | ۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو. |
|
1883 | 15 | 81 | وآتيناهم آياتنا فكانوا عنها معرضين |
| | | ۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا. |
|
1884 | 15 | 82 | وكانوا ينحتون من الجبال بيوتا آمنين |
| | | ۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا. |
|
1885 | 15 | 83 | فأخذتهم الصيحة مصبحين |
| | | پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو. |
|
1886 | 15 | 84 | فما أغنى عنهم ما كانوا يكسبون |
| | | پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو. |
|
1887 | 15 | 85 | وما خلقنا السماوات والأرض وما بينهما إلا بالحق وإن الساعة لآتية فاصفح الصفح الجميل |
| | | ۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر. |
|
1888 | 15 | 86 | إن ربك هو الخلاق العليم |
| | | بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
1889 | 15 | 87 | ولقد آتيناك سبعا من المثاني والقرآن العظيم |
| | | ۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون. |
|
1890 | 15 | 88 | لا تمدن عينيك إلى ما متعنا به أزواجا منهم ولا تحزن عليهم واخفض جناحك للمؤمنين |
| | | اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر. |
|