نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1866 | 15 | 64 | وأتيناك بالحق وإنا لصادقون |
| | | ۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون. |
|
1867 | 15 | 65 | فأسر بأهلك بقطع من الليل واتبع أدبارهم ولا يلتفت منكم أحد وامضوا حيث تؤمرون |
| | | پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو. |
|
1868 | 15 | 66 | وقضينا إليه ذلك الأمر أن دابر هؤلاء مقطوع مصبحين |
| | | ۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي. |
|
1869 | 15 | 67 | وجاء أهل المدينة يستبشرون |
| | | ۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا. |
|
1870 | 15 | 68 | قال إن هؤلاء ضيفي فلا تفضحون |
| | | (لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو. |
|
1871 | 15 | 69 | واتقوا الله ولا تخزون |
| | | ۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم. |
|
1872 | 15 | 70 | قالوا أولم ننهك عن العالمين |
| | | چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟ |
|
1873 | 15 | 71 | قال هؤلاء بناتي إن كنتم فاعلين |
| | | (لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن. |
|
1874 | 15 | 72 | لعمرك إنهم لفي سكرتهم يعمهون |
| | | (اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا. |
|
1875 | 15 | 73 | فأخذتهم الصيحة مشرقين |
| | | پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن. |
|