نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1861 | 15 | 59 | إلا آل لوط إنا لمنجوهم أجمعين |
| | | مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون. |
|
1862 | 15 | 60 | إلا امرأته قدرنا إنها لمن الغابرين |
| | | سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي. |
|
1863 | 15 | 61 | فلما جاء آل لوط المرسلون |
| | | پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا. |
|
1864 | 15 | 62 | قال إنكم قوم منكرون |
| | | (تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو. |
|
1865 | 15 | 63 | قالوا بل جئناك بما كانوا فيه يمترون |
| | | چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا. |
|
1866 | 15 | 64 | وأتيناك بالحق وإنا لصادقون |
| | | ۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون. |
|
1867 | 15 | 65 | فأسر بأهلك بقطع من الليل واتبع أدبارهم ولا يلتفت منكم أحد وامضوا حيث تؤمرون |
| | | پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو. |
|
1868 | 15 | 66 | وقضينا إليه ذلك الأمر أن دابر هؤلاء مقطوع مصبحين |
| | | ۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي. |
|
1869 | 15 | 67 | وجاء أهل المدينة يستبشرون |
| | | ۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا. |
|
1870 | 15 | 68 | قال إن هؤلاء ضيفي فلا تفضحون |
| | | (لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو. |
|