نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
187 | 2 | 180 | كتب عليكم إذا حضر أحدكم الموت إن ترك خيرا الوصية للوالدين والأقربين بالمعروف حقا على المتقين |
| | | جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي ته تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مِٽن لاءِ چڱائيءَ سان وصيّت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اِھو پرھيزگارن تي لازم آھي. |
|
188 | 2 | 181 | فمن بدله بعدما سمعه فإنما إثمه على الذين يبدلونه إن الله سميع عليم |
| | | پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
189 | 2 | 182 | فمن خاف من موص جنفا أو إثما فأصلح بينهم فلا إثم عليه إن الله غفور رحيم |
| | | پوءِ جيڪو وصيّت ڪندڙ جي طرفداري يا گناہ ڄاڻي سو انھن (وصيّت ڪيل ۽ وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري ته مٿس گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
190 | 2 | 183 | يا أيها الذين آمنوا كتب عليكم الصيام كما كتب على الذين من قبلكم لعلكم تتقون |
| | | اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو. |
|
191 | 2 | 184 | أياما معدودات فمن كان منكم مريضا أو على سفر فعدة من أيام أخر وعلى الذين يطيقونه فدية طعام مسكين فمن تطوع خيرا فهو خير له وأن تصوموا خير لكم إن كنتم تعلمون |
| | | (روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي. |
|
192 | 2 | 185 | شهر رمضان الذي أنزل فيه القرآن هدى للناس وبينات من الهدى والفرقان فمن شهد منكم الشهر فليصمه ومن كان مريضا أو على سفر فعدة من أيام أخر يريد الله بكم اليسر ولا يريد بكم العسر ولتكملوا العدة ولتكبروا الله على ما هداكم ولعلكم تشكرون |
| | | رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو. |
|
193 | 2 | 186 | وإذا سألك عبادي عني فإني قريب أجيب دعوة الداع إذا دعان فليستجيبوا لي وليؤمنوا بي لعلهم يرشدون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته مانَ اُھي سُڌرن. |
|
194 | 2 | 187 | أحل لكم ليلة الصيام الرفث إلى نسائكم هن لباس لكم وأنتم لباس لهن علم الله أنكم كنتم تختانون أنفسكم فتاب عليكم وعفا عنكم فالآن باشروهن وابتغوا ما كتب الله لكم وكلوا واشربوا حتى يتبين لكم الخيط الأبيض من الخيط الأسود من الفجر ثم أتموا الصيام إلى الليل ولا تباشروهن وأنتم عاكفون في المساجد تلك حدود الله فلا تقربوها كذلك يبين الله آياته للناس لعلهم يتقون |
| | | روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن. |
|
195 | 2 | 188 | ولا تأكلوا أموالكم بينكم بالباطل وتدلوا بها إلى الحكام لتأكلوا فريقا من أموال الناس بالإثم وأنتم تعلمون |
| | | ۽ اوھين پنھنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نه کائو ۽ اُن (مال) کي حاڪمن ڏانھن ھن لاءِ (وڍيءَ طور) نه پھچايو ته ماڻھن جي مال مان ڪجھ (ڀاڱو) ڏوھ سان کائو ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندا آھيو. |
|
196 | 2 | 189 | يسألونك عن الأهلة قل هي مواقيت للناس والحج وليس البر بأن تأتوا البيوت من ظهورها ولكن البر من اتقى وأتوا البيوت من أبوابها واتقوا الله لعلكم تفلحون |
| | | (اي پيغمبر) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چؤ ته اِھي ماڻھن ۽ حج لاءِ وقت مُقرر ٿيل آھن، ۽ چڱائي (ھن ۾) نه آھي ته (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو پر (اصل) چڱائي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي، ۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو. |
|