نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1848 | 15 | 46 | ادخلوها بسلام آمنين |
| | | (کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو. |
|
1849 | 15 | 47 | ونزعنا ما في صدورهم من غل إخوانا على سرر متقابلين |
| | | ۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا. |
|
1850 | 15 | 48 | لا يمسهم فيها نصب وما هم منها بمخرجين |
| | | اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا. |
|
1851 | 15 | 49 | نبئ عبادي أني أنا الغفور الرحيم |
| | | (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان. |
|
1852 | 15 | 50 | وأن عذابي هو العذاب الأليم |
| | | ۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
1853 | 15 | 51 | ونبئهم عن ضيف إبراهيم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي. |
|
1854 | 15 | 52 | إذ دخلوا عليه فقالوا سلاما قال إنا منكم وجلون |
| | | جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون. |
|
1855 | 15 | 53 | قالوا لا توجل إنا نبشرك بغلام عليم |
| | | چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا. |
|
1856 | 15 | 54 | قال أبشرتموني على أن مسني الكبر فبم تبشرون |
| | | (ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟ |
|
1857 | 15 | 55 | قالوا بشرناك بالحق فلا تكن من القانطين |
| | | چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ. |
|