نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1844 | 15 | 42 | إن عبادي ليس لك عليهم سلطان إلا من اتبعك من الغاوين |
| | | گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي. |
|
1845 | 15 | 43 | وإن جهنم لموعدهم أجمعين |
| | | ۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي. |
|
1846 | 15 | 44 | لها سبعة أبواب لكل باب منهم جزء مقسوم |
| | | اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي. |
|
1847 | 15 | 45 | إن المتقين في جنات وعيون |
| | | بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا. |
|
1848 | 15 | 46 | ادخلوها بسلام آمنين |
| | | (کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو. |
|
1849 | 15 | 47 | ونزعنا ما في صدورهم من غل إخوانا على سرر متقابلين |
| | | ۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا. |
|
1850 | 15 | 48 | لا يمسهم فيها نصب وما هم منها بمخرجين |
| | | اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا. |
|
1851 | 15 | 49 | نبئ عبادي أني أنا الغفور الرحيم |
| | | (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان. |
|
1852 | 15 | 50 | وأن عذابي هو العذاب الأليم |
| | | ۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
1853 | 15 | 51 | ونبئهم عن ضيف إبراهيم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي. |
|