نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1838 | 15 | 36 | قال رب فأنظرني إلى يوم يبعثون |
| | | (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي. |
|
1839 | 15 | 37 | قال فإنك من المنظرين |
| | | (الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين. |
|
1840 | 15 | 38 | إلى يوم الوقت المعلوم |
| | | ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين. |
|
1841 | 15 | 39 | قال رب بما أغويتني لأزينن لهم في الأرض ولأغوينهم أجمعين |
| | | (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس. |
|
1842 | 15 | 40 | إلا عبادك منهم المخلصين |
| | | سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن. |
|
1843 | 15 | 41 | قال هذا صراط علي مستقيم |
| | | (الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين. |
|
1844 | 15 | 42 | إن عبادي ليس لك عليهم سلطان إلا من اتبعك من الغاوين |
| | | گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي. |
|
1845 | 15 | 43 | وإن جهنم لموعدهم أجمعين |
| | | ۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي. |
|
1846 | 15 | 44 | لها سبعة أبواب لكل باب منهم جزء مقسوم |
| | | اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي. |
|
1847 | 15 | 45 | إن المتقين في جنات وعيون |
| | | بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا. |
|