نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1822 | 15 | 20 | وجعلنا لكم فيها معايش ومن لستم له برازقين |
| | | ۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو. |
|
1823 | 15 | 21 | وإن من شيء إلا عندنا خزائنه وما ننزله إلا بقدر معلوم |
| | | ۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون. |
|
1824 | 15 | 22 | وأرسلنا الرياح لواقح فأنزلنا من السماء ماء فأسقيناكموه وما أنتم له بخازنين |
| | | ۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو. |
|
1825 | 15 | 23 | وإنا لنحن نحيي ونميت ونحن الوارثون |
| | | ۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون. |
|
1826 | 15 | 24 | ولقد علمنا المستقدمين منكم ولقد علمنا المستأخرين |
| | | ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون. |
|
1827 | 15 | 25 | وإن ربك هو يحشرهم إنه حكيم عليم |
| | | ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي. |
|
1828 | 15 | 26 | ولقد خلقنا الإنسان من صلصال من حمإ مسنون |
| | | ۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو. |
|
1829 | 15 | 27 | والجان خلقناه من قبل من نار السموم |
| | | ۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون. |
|
1830 | 15 | 28 | وإذ قال ربك للملائكة إني خالق بشرا من صلصال من حمإ مسنون |
| | | ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان. |
|
1831 | 15 | 29 | فإذا سويته ونفخت فيه من روحي فقعوا له ساجدين |
| | | پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو. |
|