نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
182 | 2 | 175 | أولئك الذين اشتروا الضلالة بالهدى والعذاب بالمغفرة فما أصبرهم على النار |
| | | اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ڳڌو، پوءِ عجب آھي ته کين (دوزخ جي) باہ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو. |
|
183 | 2 | 176 | ذلك بأن الله نزل الكتاب بالحق وإن الذين اختلفوا في الكتاب لفي شقاق بعيد |
| | | اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت تڪرار ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن. |
|
184 | 2 | 177 | ليس البر أن تولوا وجوهكم قبل المشرق والمغرب ولكن البر من آمن بالله واليوم الآخر والملائكة والكتاب والنبيين وآتى المال على حبه ذوي القربى واليتامى والمساكين وابن السبيل والسائلين وفي الرقاب وأقام الصلاة وآتى الزكاة والموفون بعهدهم إذا عاهدوا والصابرين في البأساء والضراء وحين البأس أولئك الذين صدقوا وأولئك هم المتقون |
| | | اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن جي پيار ھوندي (به) مٽيءَ وارن ۽ ڇورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھَن جي گردنين (آجي ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن. |
|
185 | 2 | 178 | يا أيها الذين آمنوا كتب عليكم القصاص في القتلى الحر بالحر والعبد بالعبد والأنثى بالأنثى فمن عفي له من أخيه شيء فاتباع بالمعروف وأداء إليه بإحسان ذلك تخفيف من ربكم ورحمة فمن اعتدى بعد ذلك فله عذاب أليم |
| | | اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي، (جئن ته) آجي جي عيوض آجو ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ زال جي عيوض زال آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
186 | 2 | 179 | ولكم في القصاص حياة يا أولي الألباب لعلكم تتقون |
| | | اي ڌيان وارؤ اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو. |
|
187 | 2 | 180 | كتب عليكم إذا حضر أحدكم الموت إن ترك خيرا الوصية للوالدين والأقربين بالمعروف حقا على المتقين |
| | | جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي ته تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مِٽن لاءِ چڱائيءَ سان وصيّت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اِھو پرھيزگارن تي لازم آھي. |
|
188 | 2 | 181 | فمن بدله بعدما سمعه فإنما إثمه على الذين يبدلونه إن الله سميع عليم |
| | | پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
189 | 2 | 182 | فمن خاف من موص جنفا أو إثما فأصلح بينهم فلا إثم عليه إن الله غفور رحيم |
| | | پوءِ جيڪو وصيّت ڪندڙ جي طرفداري يا گناہ ڄاڻي سو انھن (وصيّت ڪيل ۽ وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري ته مٿس گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
190 | 2 | 183 | يا أيها الذين آمنوا كتب عليكم الصيام كما كتب على الذين من قبلكم لعلكم تتقون |
| | | اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو. |
|
191 | 2 | 184 | أياما معدودات فمن كان منكم مريضا أو على سفر فعدة من أيام أخر وعلى الذين يطيقونه فدية طعام مسكين فمن تطوع خيرا فهو خير له وأن تصوموا خير لكم إن كنتم تعلمون |
| | | (روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي. |
|