بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
17941444وأنذر الناس يوم يأتيهم العذاب فيقول الذين ظلموا ربنا أخرنا إلى أجل قريب نجب دعوتك ونتبع الرسل أولم تكونوا أقسمتم من قبل ما لكم من زوال
۽ (اي پيغمبر) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ويجھي مُدّت توڻي مُھلت ڏي ته تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن ته) ھن کان اڳ اوھين قسم نه کڻندا ھيؤ ڇا ته اوھان کي ڪو زوال نه ٿيندو؟
17951445وسكنتم في مساكن الذين ظلموا أنفسهم وتبين لكم كيف فعلنا بهم وضربنا لكم الأمثال
۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان کي پڌرو ٿيو ته انھن سان ڪئن ڪيوسون ۽ اوھان کي ڪيئي مثال بيان ڪياسون.
17961446وقد مكروا مكرهم وعند الله مكرهم وإن كان مكرهم لتزول منه الجبال
۽ بيشڪ انھن پنھنجو وڏو مڪر ڪيو ۽ الله وت سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نه آھي جنھن سان جبل ٽري وڃن.
17971447فلا تحسبن الله مخلف وعده رسله إن الله عزيز ذو انتقام
پوءِ (اي پيغمبر) الله کي پنھنجن پيغمبرن سان پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نه ڀانءِ، ڇوته الله غالب (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي.
17981448يوم تبدل الأرض غير الأرض والسماوات وبرزوا لله الواحد القهار
جنھن ڏينھن ھيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان (به) ۽ (سڀ ماڻھو) الله ھڪڙي زبردست جي آڏو ٿيندا.
17991449وترى المجرمين يومئذ مقرنين في الأصفاد
۽ اُن ڏينھن گنھگارن کي زنجيرن ۾ ٻَڌل ڏسندين.
18001450سرابيلهم من قطران وتغشى وجوههم النار
سندن ڪپڙا گندرف مان ھوندا ۽ سندن مُنھن کي باھ وڪوڙيندي.
18011451ليجزي الله كل نفس ما كسبت إن الله سريع الحساب
ھن لاءِ ته سڀڪنھن جيءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو اُن کي الله بدلو ڏئي، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آھي.
18021452هذا بلاغ للناس ولينذروا به وليعلموا أنما هو إله واحد وليذكر أولو الألباب
اِھو (قرآن) ماڻھن کي پھچائڻو آھي ته اُن سان ڊيڄاريا وڃن ۽ ڄاڻن ته انھي ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي ۽ ڌِيان وارا نصيحت وٺن.
1803151بسم الله الرحمن الرحيم الر تلك آيات الكتاب وقرآن مبين
الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.


0 ... 169.3 170.3 171.3 172.3 173.3 174.3 175.3 176.3 177.3 178.3 180.3 181.3 182.3 183.3 184.3 185.3 186.3 187.3 188.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

23733289171815419855111604359834223