نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1790 | 14 | 40 | رب اجعلني مقيم الصلاة ومن ذريتي ربنا وتقبل دعاء |
| | | اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي اولاد مان ڪن کي نماز پڙھندڙ ڪر، اي اسان جا پالڻھار منھنجي دُعا قبول ڪر. |
|
1791 | 14 | 41 | ربنا اغفر لي ولوالدي وللمؤمنين يوم يقوم الحساب |
| | | اي اسان جا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مؤمنن کي (انھي ڏينھن) بخش جنھن ڏينھن حساب کڙو ٿيندو. |
|
1792 | 14 | 42 | ولا تحسبن الله غافلا عما يعمل الظالمون إنما يؤخرهم ليوم تشخص فيه الأبصار |
| | | ۽ جيڪي ظالم ڪندا آھن تنھن کان الله کي ئي بي خبرنه ڀانءِ، الله رڳو کين انھي ڏينھن تائين ڍر ڏني آھي جنھن ڏينھن اکيون ٽڙي وينديون. |
|
1793 | 14 | 43 | مهطعين مقنعي رءوسهم لا يرتد إليهم طرفهم وأفئدتهم هواء |
| | | پنھنجا ڳاٽ کڻندڙ ڊوڙندڙ ھوندا پاڻ ڏانھن سندن نظر وري نه سگھندي، ۽ سندين دليون پيون دھڪنديون. |
|
1794 | 14 | 44 | وأنذر الناس يوم يأتيهم العذاب فيقول الذين ظلموا ربنا أخرنا إلى أجل قريب نجب دعوتك ونتبع الرسل أولم تكونوا أقسمتم من قبل ما لكم من زوال |
| | | ۽ (اي پيغمبر) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ويجھي مُدّت توڻي مُھلت ڏي ته تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن ته) ھن کان اڳ اوھين قسم نه کڻندا ھيؤ ڇا ته اوھان کي ڪو زوال نه ٿيندو؟ |
|
1795 | 14 | 45 | وسكنتم في مساكن الذين ظلموا أنفسهم وتبين لكم كيف فعلنا بهم وضربنا لكم الأمثال |
| | | ۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان کي پڌرو ٿيو ته انھن سان ڪئن ڪيوسون ۽ اوھان کي ڪيئي مثال بيان ڪياسون. |
|
1796 | 14 | 46 | وقد مكروا مكرهم وعند الله مكرهم وإن كان مكرهم لتزول منه الجبال |
| | | ۽ بيشڪ انھن پنھنجو وڏو مڪر ڪيو ۽ الله وت سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نه آھي جنھن سان جبل ٽري وڃن. |
|
1797 | 14 | 47 | فلا تحسبن الله مخلف وعده رسله إن الله عزيز ذو انتقام |
| | | پوءِ (اي پيغمبر) الله کي پنھنجن پيغمبرن سان پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نه ڀانءِ، ڇوته الله غالب (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي. |
|
1798 | 14 | 48 | يوم تبدل الأرض غير الأرض والسماوات وبرزوا لله الواحد القهار |
| | | جنھن ڏينھن ھيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان (به) ۽ (سڀ ماڻھو) الله ھڪڙي زبردست جي آڏو ٿيندا. |
|
1799 | 14 | 49 | وترى المجرمين يومئذ مقرنين في الأصفاد |
| | | ۽ اُن ڏينھن گنھگارن کي زنجيرن ۾ ٻَڌل ڏسندين. |
|