بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
17741424ألم تر كيف ضرب الله مثلا كلمة طيبة كشجرة طيبة أصلها ثابت وفرعها في السماء
(اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن.
17751425تؤتي أكلها كل حين بإذن ربها ويضرب الله الأمثال للناس لعلهم يتذكرون
پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن وقت پنھنجا ميوا پچائيندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.
17761426ومثل كلمة خبيثة كشجرة خبيثة اجتثت من فوق الأرض ما لها من قرار
۽ بڇڙي ڳالھ جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو ٽِڪاءُ نه آھي.
17771427يثبت الله الذين آمنوا بالقول الثابت في الحياة الدنيا وفي الآخرة ويضل الله الظالمين ويفعل الله ما يشاء
جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
17781428ألم تر إلى الذين بدلوا نعمت الله كفرا وأحلوا قومهم دار البوار
(اي پيغمبر) توکي اُھي معلوم نه آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي ھلاڪيءَ جي گھر ۾ وڌو.
17791429جهنم يصلونها وبئس القرار
جو دوزخ آھي، اُھي منجھس گھڙندا، اُھو بڇڙو ٽڪاڻو آھي.
17801430وجعلوا لله أندادا ليضلوا عن سبيله قل تمتعوا فإن مصيركم إلى النار
۽ الله سان شريڪ مقرّر ڪيائون ته سندس واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، (اي پيغمبرکين) چؤ ته اوھين آسودا رھو ڇوته اوھان جو (دوزخ جي) باہ ڏانھن موٽڻ آھي.
17811431قل لعبادي الذين آمنوا يقيموا الصلاة وينفقوا مما رزقناهم سرا وعلانية من قبل أن يأتي يوم لا بيع فيه ولا خلال
(اي پيغمبر) منھنجن اُنھن ٻانھن کي چؤ جن ايمان آندو آھي ته نماز پڙھندا رھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنو اٿون تنھن منجھان ڳجھو ۽ پڌرو اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رھن جنھن ۾ نڪو واپار ۽ نڪا يراني ھوندي.
17821432الله الذي خلق السماوات والأرض وأنزل من السماء ماء فأخرج به من الثمرات رزقا لكم وسخر لكم الفلك لتجري في البحر بأمره وسخر لكم الأنهار
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ آسمان کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان سڀڪنھن جنس جي ميون مان اوھان جي روزي ڪڍيائين، ۽ اوھان کي ٻيڙيون ھن لاءِ نِوائي ڏنائين ته سندس حُڪم سان سمنڊ ۾ ترنديون رھن، ۽ اوھان کي نديون (به) نوائي ڏنائين.
17831433وسخر لكم الشمس والقمر دائبين وسخر لكم الليل والنهار
۽ اوھان لاءِ سدائين ھلندڙ سج ۽ چنڊ نوائي ڏنائين، ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن نوائي ڏنائين.


0 ... 167.3 168.3 169.3 170.3 171.3 172.3 173.3 174.3 175.3 176.3 178.3 179.3 180.3 181.3 182.3 183.3 184.3 185.3 186.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

350138824222100639824811545310853386002