نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1770 | 14 | 20 | وما ذلك على الله بعزيز |
| | | ۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نه آھي. |
|
1771 | 14 | 21 | وبرزوا لله جميعا فقال الضعفاء للذين استكبروا إنا كنا لكم تبعا فهل أنتم مغنون عنا من عذاب الله من شيء قالوا لو هدانا الله لهديناكم سواء علينا أجزعنا أم صبرنا ما لنا من محيص |
| | | ۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي. |
|
1772 | 14 | 22 | وقال الشيطان لما قضي الأمر إن الله وعدكم وعد الحق ووعدتكم فأخلفتكم وما كان لي عليكم من سلطان إلا أن دعوتكم فاستجبتم لي فلا تلوموني ولوموا أنفسكم ما أنا بمصرخكم وما أنتم بمصرخي إني كفرت بما أشركتمون من قبل إن الظالمين لهم عذاب أليم |
| | | ۽ جڏھن ڪم فيصل ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نه پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نه ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ڦٺ جٺ نه ڪريو ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٺ جٺ ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نه آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇوته ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
1773 | 14 | 23 | وأدخل الذين آمنوا وعملوا الصالحات جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها بإذن ربهم تحيتهم فيها سلام |
| | | ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (انھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندين کيڪار سلام آھي. |
|
1774 | 14 | 24 | ألم تر كيف ضرب الله مثلا كلمة طيبة كشجرة طيبة أصلها ثابت وفرعها في السماء |
| | | (اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن. |
|
1775 | 14 | 25 | تؤتي أكلها كل حين بإذن ربها ويضرب الله الأمثال للناس لعلهم يتذكرون |
| | | پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن وقت پنھنجا ميوا پچائيندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
|
1776 | 14 | 26 | ومثل كلمة خبيثة كشجرة خبيثة اجتثت من فوق الأرض ما لها من قرار |
| | | ۽ بڇڙي ڳالھ جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو ٽِڪاءُ نه آھي. |
|
1777 | 14 | 27 | يثبت الله الذين آمنوا بالقول الثابت في الحياة الدنيا وفي الآخرة ويضل الله الظالمين ويفعل الله ما يشاء |
| | | جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي. |
|
1778 | 14 | 28 | ألم تر إلى الذين بدلوا نعمت الله كفرا وأحلوا قومهم دار البوار |
| | | (اي پيغمبر) توکي اُھي معلوم نه آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي ھلاڪيءَ جي گھر ۾ وڌو. |
|
1779 | 14 | 29 | جهنم يصلونها وبئس القرار |
| | | جو دوزخ آھي، اُھي منجھس گھڙندا، اُھو بڇڙو ٽڪاڻو آھي. |
|