بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
170112105وكأين من آية في السماوات والأرض يمرون عليها وهم عنها معرضون
۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏِسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن.
170212106وما يؤمن أكثرهم بالله إلا وهم مشركون
۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نه آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن.
170312107أفأمنوا أن تأتيهم غاشية من عذاب الله أو تأتيهم الساعة بغتة وهم لا يشعرون
(اُھي) الله جي عذاب مان پاڻ وٽ ڇِپ اچڻ کان يا قيامت جي اوچتي اچڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھن ڇا؟ جو اُھي نه ڄاڻندا ھُجن؟
170412108قل هذه سبيلي أدعو إلى الله على بصيرة أنا ومن اتبعني وسبحان الله وما أنا من المشركين
(اي پيغمبر) چؤ ته ھيءُ منھنجي واٽ آھي پڌري حُجّت سان الله ڏانھن سڏيان ٿو آءٌ ۽ منھنجا تابعدار به (سڏيندا آھن)، ۽ الله پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن مان نه آھيان.
170512109وما أرسلنا من قبلك إلا رجالا نوحي إليهم من أهل القرى أفلم يسيروا في الأرض فينظروا كيف كان عاقبة الذين من قبلهم ولدار الآخرة خير للذين اتقوا أفلا تعقلون
۽ (اي پيغمبر) اسان توکان اڳ شھر وارن مان مڙسن کانسواءِ ٻيو ڪونه موڪليوسون جن ڏانھن وحي ڪيوسون، پوءِ ڇونه زمين ۾ گھمي ڏسندا آھن ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟ ۽ آخرت جو گھر انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي ڊڄندا آھن، پوءِ ڇونه ڄاڻندا آھيو؟
170612110حتى إذا استيأس الرسل وظنوا أنهم قد كذبوا جاءهم نصرنا فنجي من نشاء ولا يرد بأسنا عن القوم المجرمين
(ايستائين ڍر ڏنيسون) جيستائين پيغمبر (مدد پھچڻ کان) نا اميد ٿيڻ لڳا ۽ (سندين قوم) ڀانيو ته انھن سان ڪوڙو انجام ڪيو ويو آھي وٽن اسان جي مدد پھتي پوءِ جنھن کي گھريوسون تنھن کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو، ۽ گنھگار قوم کان اسان جو عذاب نه ٽاريو ويندو آھي.
170712111لقد كان في قصصهم عبرة لأولي الألباب ما كان حديثا يفترى ولكن تصديق الذي بين يديه وتفصيل كل شيء وهدى ورحمة لقوم يؤمنون
بيشڪ ڌيان وارن لاءِ انھن (پيغمبرن) جي قِصّن ۾ عِبرت آھي، (ھي قرآن) بڻاوتي آکاڻي نه آھي پر جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ سڀڪنھن شيء لاءِ نکيڙ آھي ۽ ايمان واري قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.
1708131بسم الله الرحمن الرحيم المر تلك آيات الكتاب والذي أنزل إليك من ربك الحق ولكن أكثر الناس لا يؤمنون
المّرٰ، ھيءُ ڪتاب جون آيتون آھن، ۽ جيڪي توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان نازل ڪيو ويو سو حق آھي پر گھڻا ماڻھو نه مڃيندا آھن.
1709132الله الذي رفع السماوات بغير عمد ترونها ثم استوى على العرش وسخر الشمس والقمر كل يجري لأجل مسمى يدبر الأمر يفصل الآيات لعلكم بلقاء ربكم توقنون
الله اُھو آھي جنھن آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي کڙو ڪيو آھي انھن کي ڏسو ٿا وري عرش ڏي متوجه ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي فرمانبردار ڪيائين، جو سڀڪو ٺھرايل مُدّت تائين ھلندو آھي، (اُھو) سڀني ڪمن کي رٿيندو آھي نشانيون چٽائيءَ سان بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ جو يقين ڪريو.
1710133وهو الذي مد الأرض وجعل فيها رواسي وأنهارا ومن كل الثمرات جعل فيها زوجين اثنين يغشي الليل النهار إن في ذلك لآيات لقوم يتفكرون
۽ اُھو (الله) آھي جنھن زمين کي پکيڙيو ۽ منجھس جبل ۽ درياء بڻايائين، ۽ منجھس سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه قِسم بڻايائين ڏينھن کي رات سان ڍڪيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.


0 ... 160 161 162 163 164 165 166 167 168 169 171 172 173 174 175 176 177 178 179 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

17094909478825642094344555123724994695