نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1696 | 12 | 100 | ورفع أبويه على العرش وخروا له سجدا وقال يا أبت هذا تأويل رؤياي من قبل قد جعلها ربي حقا وقد أحسن بي إذ أخرجني من السجن وجاء بكم من البدو من بعد أن نزغ الشيطان بيني وبين إخوتي إن ربي لطيف لما يشاء إنه هو العليم الحكيم |
| | | ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
1697 | 12 | 101 | رب قد آتيتني من الملك وعلمتني من تأويل الأحاديث فاطر السماوات والأرض أنت وليي في الدنيا والآخرة توفني مسلما وألحقني بالصالحين |
| | | (يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر. |
|
1698 | 12 | 102 | ذلك من أنباء الغيب نوحيه إليك وما كنت لديهم إذ أجمعوا أمرهم وهم يمكرون |
| | | (اي پيغمبر) اھو (قصو) ڳُجھين خبرن مان آھي جو تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، انھن جڏھن فريب ڪندڙ ٿي پنھنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيائون تڏھن تون وٽن ڪونه ھئين. |
|
1699 | 12 | 103 | وما أكثر الناس ولو حرصت بمؤمنين |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جيتوڻيڪ حرص ڪرين ته به گھڻا ماڻھو ايمان آڻيندڙ نه آھن. |
|
1700 | 12 | 104 | وما تسألهم عليه من أجر إن هو إلا ذكر للعالمين |
| | | ۽ (تون) اُن (قرآن جي پُھچائڻ) تي کانئن ڪو اُجورو نه گھرندو آھين، اُھو (قرآن) جھانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي. |
|
1701 | 12 | 105 | وكأين من آية في السماوات والأرض يمرون عليها وهم عنها معرضون |
| | | ۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏِسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن. |
|
1702 | 12 | 106 | وما يؤمن أكثرهم بالله إلا وهم مشركون |
| | | ۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نه آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن. |
|
1703 | 12 | 107 | أفأمنوا أن تأتيهم غاشية من عذاب الله أو تأتيهم الساعة بغتة وهم لا يشعرون |
| | | (اُھي) الله جي عذاب مان پاڻ وٽ ڇِپ اچڻ کان يا قيامت جي اوچتي اچڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھن ڇا؟ جو اُھي نه ڄاڻندا ھُجن؟ |
|
1704 | 12 | 108 | قل هذه سبيلي أدعو إلى الله على بصيرة أنا ومن اتبعني وسبحان الله وما أنا من المشركين |
| | | (اي پيغمبر) چؤ ته ھيءُ منھنجي واٽ آھي پڌري حُجّت سان الله ڏانھن سڏيان ٿو آءٌ ۽ منھنجا تابعدار به (سڏيندا آھن)، ۽ الله پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن مان نه آھيان. |
|
1705 | 12 | 109 | وما أرسلنا من قبلك إلا رجالا نوحي إليهم من أهل القرى أفلم يسيروا في الأرض فينظروا كيف كان عاقبة الذين من قبلهم ولدار الآخرة خير للذين اتقوا أفلا تعقلون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) اسان توکان اڳ شھر وارن مان مڙسن کانسواءِ ٻيو ڪونه موڪليوسون جن ڏانھن وحي ڪيوسون، پوءِ ڇونه زمين ۾ گھمي ڏسندا آھن ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟ ۽ آخرت جو گھر انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي ڊڄندا آھن، پوءِ ڇونه ڄاڻندا آھيو؟ |
|