نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1692 | 12 | 96 | فلما أن جاء البشير ألقاه على وجهه فارتد بصيرا قال ألم أقل لكم إني أعلم من الله ما لا تعلمون |
| | | جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو ته سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين ته موٽي ڏسندڙ ٿيو، چيائين ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا، ته آءٌ الله جي پار کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو؟ |
|
1693 | 12 | 97 | قالوا يا أبانا استغفر لنا ذنوبنا إنا كنا خاطئين |
| | | چيائون ته اي اسان جا ابا اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون. |
|
1694 | 12 | 98 | قال سوف أستغفر لكم ربي إنه هو الغفور الرحيم |
| | | (يعقوب) چيو ته آءٌ سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس، ڇوته اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي. |
|
1695 | 12 | 99 | فلما دخلوا على يوسف آوى إليه أبويه وقال ادخلوا مصر إن شاء الله آمنين |
| | | جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (ته اُن وقت) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين جيڪڏھن الله گھريو ته مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو. |
|
1696 | 12 | 100 | ورفع أبويه على العرش وخروا له سجدا وقال يا أبت هذا تأويل رؤياي من قبل قد جعلها ربي حقا وقد أحسن بي إذ أخرجني من السجن وجاء بكم من البدو من بعد أن نزغ الشيطان بيني وبين إخوتي إن ربي لطيف لما يشاء إنه هو العليم الحكيم |
| | | ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
1697 | 12 | 101 | رب قد آتيتني من الملك وعلمتني من تأويل الأحاديث فاطر السماوات والأرض أنت وليي في الدنيا والآخرة توفني مسلما وألحقني بالصالحين |
| | | (يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر. |
|
1698 | 12 | 102 | ذلك من أنباء الغيب نوحيه إليك وما كنت لديهم إذ أجمعوا أمرهم وهم يمكرون |
| | | (اي پيغمبر) اھو (قصو) ڳُجھين خبرن مان آھي جو تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، انھن جڏھن فريب ڪندڙ ٿي پنھنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيائون تڏھن تون وٽن ڪونه ھئين. |
|
1699 | 12 | 103 | وما أكثر الناس ولو حرصت بمؤمنين |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جيتوڻيڪ حرص ڪرين ته به گھڻا ماڻھو ايمان آڻيندڙ نه آھن. |
|
1700 | 12 | 104 | وما تسألهم عليه من أجر إن هو إلا ذكر للعالمين |
| | | ۽ (تون) اُن (قرآن جي پُھچائڻ) تي کانئن ڪو اُجورو نه گھرندو آھين، اُھو (قرآن) جھانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي. |
|
1701 | 12 | 105 | وكأين من آية في السماوات والأرض يمرون عليها وهم عنها معرضون |
| | | ۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏِسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن. |
|