بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
16851289قال هل علمتم ما فعلتم بيوسف وأخيه إذ أنتم جاهلون
(يُوسف) کين چيو ته جڏھن اوھين بي سمجھ ھيؤ ته جيڪي اوھان يُوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو سو ڄاتو اٿوَ؟
16861290قالوا أإنك لأنت يوسف قال أنا يوسف وهذا أخي قد من الله علينا إنه من يتق ويصبر فإن الله لا يضيع أجر المحسنين
چيائون ته تون ئي پڪ يُوسف آھين ڇا؟ چيائين (ھائو) آءٌ يُوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، بيشڪ الله اسان تي ٻاجھ ڪيو آھي، جيڪو پرھيز گاري ڪندو ۽ صبر ڪندو ته الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.
16871291قالوا تالله لقد آثرك الله علينا وإن كنا لخاطئين
چيائون ته الله جو قسم آھي ته بيشڪ الله توکي اسان کان ڀلو ڪيو آھي ۽ بيشڪ اسين خطا ڪندڙ ھواسون.
16881292قال لا تثريب عليكم اليوم يغفر الله لكم وهو أرحم الراحمين
(يوسف) چيو ته اڄ اوھان تي ڪا ميار نه آھي، الله اوھان کي بخشيندو، ۽ اُھو (سڀني) ٻاجھارن کان بلڪل ٻاجھارو آھي.
16891293اذهبوا بقميصي هذا فألقوه على وجه أبي يأت بصيرا وأتوني بأهلكم أجمعين
ھي منھنجو پھراڻ نيو پوءِ اُھو منھنجي پيءُ جي مُنھن تي گھمايو ته ڏسندڙ ٿيندو، ۽ مڙئي پنھنجي گھر جا آدمي مون وٽ آڻيو.
16901294ولما فصلت العير قال أبوهم إني لأجد ريح يوسف لولا أن تفندون
۽ جنھن مھل قافلو (مصر مان) نڪتو (ته) سندن پيءُ چيو ته جيڪڏھن (اوھين) مون کي ڀورڙو نه ڄاڻو ته مون کي يُوسف جي بوءِ اچي ٿي.
16911295قالوا تالله إنك لفي ضلالك القديم
چيائون ته الله جو قسم ته تون اڳئين ويساري ۾ آھين.
16921296فلما أن جاء البشير ألقاه على وجهه فارتد بصيرا قال ألم أقل لكم إني أعلم من الله ما لا تعلمون
جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو ته سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين ته موٽي ڏسندڙ ٿيو، چيائين ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا، ته آءٌ الله جي پار کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو؟
16931297قالوا يا أبانا استغفر لنا ذنوبنا إنا كنا خاطئين
چيائون ته اي اسان جا ابا اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون.
16941298قال سوف أستغفر لكم ربي إنه هو الغفور الرحيم
(يعقوب) چيو ته آءٌ سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس، ڇوته اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي.


0 ... 158.4 159.4 160.4 161.4 162.4 163.4 164.4 165.4 166.4 167.4 169.4 170.4 171.4 172.4 173.4 174.4 175.4 176.4 177.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

502347441444561106519465658251361494366