بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
1632156الذين إذا أصابتهم مصيبة قالوا إنا لله وإنا إليه راجعون
جن کي جڏھن ڪا اوکائي پھچي ٿي (تڏھن) چون ٿا ته اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون.
1642157أولئك عليهم صلوات من ربهم ورحمة وأولئك هم المهتدون
اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن.
1652158إن الصفا والمروة من شعائر الله فمن حج البيت أو اعتمر فلا جناح عليه أن يطوف بهما ومن تطوع خيرا فإن الله شاكر عليم
صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي، ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.
1662159إن الذين يكتمون ما أنزلنا من البينات والهدى من بعد ما بيناه للناس في الكتاب أولئك يلعنهم الله ويلعنهم اللاعنون
جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جي اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ ظاھر ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪندا آھن.
1672160إلا الذين تابوا وأصلحوا وبينوا فأولئك أتوب عليهم وأنا التواب الرحيم
پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.
1682161إن الذين كفروا وماتوا وهم كفار أولئك عليهم لعنة الله والملائكة والناس أجمعين
جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي.
1692162خالدين فيها لا يخفف عنهم العذاب ولا هم ينظرون
اُن لعنت ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نڪي کين مھلت ڏبي.
1702163وإلهكم إله واحد لا إله إلا هو الرحمن الرحيم
۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي.
1712164إن في خلق السماوات والأرض واختلاف الليل والنهار والفلك التي تجري في البحر بما ينفع الناس وما أنزل الله من السماء من ماء فأحيا به الأرض بعد موتها وبث فيها من كل دابة وتصريف الرياح والسحاب المسخر بين السماء والأرض لآيات لقوم يعقلون
آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
1722165ومن الناس من يتخذ من دون الله أندادا يحبونهم كحب الله والذين آمنوا أشد حبا لله ولو يرى الذين ظلموا إذ يرون العذاب أن القوة لله جميعا وأن الله شديد العذاب
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا (۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).


0 ... 6.2 7.2 8.2 9.2 10.2 11.2 12.2 13.2 14.2 15.2 17.2 18.2 19.2 20.2 21.2 22.2 23.2 24.2 25.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

14272692327483753435321603799856324900