بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
16091213قال إني ليحزنني أن تذهبوا به وأخاف أن يأكله الذئب وأنتم عنه غافلون
(يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.
16101214قالوا لئن أكله الذئب ونحن عصبة إنا إذا لخاسرون
چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.
16111215فلما ذهبوا به وأجمعوا أن يجعلوه في غيابت الجب وأوحينا إليه لتنبئنهم بأمرهم هذا وهم لا يشعرون
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.
16121216وجاءوا أباهم عشاء يبكون
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.
16131217قالوا يا أبانا إنا ذهبنا نستبق وتركنا يوسف عند متاعنا فأكله الذئب وما أنت بمؤمن لنا ولو كنا صادقين
چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.
16141218وجاءوا على قميصه بدم كذب قال بل سولت لكم أنفسكم أمرا فصبر جميل والله المستعان على ما تصفون
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.
16151219وجاءت سيارة فأرسلوا واردهم فأدلى دلوه قال يا بشرى هذا غلام وأسروه بضاعة والله عليم بما يعملون
۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي.
16161220وشروه بثمن بخس دراهم معدودة وكانوا فيه من الزاهدين
۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.
16171221وقال الذي اشتراه من مصر لامرأته أكرمي مثواه عسى أن ينفعنا أو نتخذه ولدا وكذلك مكنا ليوسف في الأرض ولنعلمه من تأويل الأحاديث والله غالب على أمره ولكن أكثر الناس لا يعلمون
۽ مصر وارن مان جنھن کيس ڳڌو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو ته ھن جي چڱي تعظيم ڪج مانَ اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسفؑ کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
16181222ولما بلغ أشده آتيناه حكما وعلما وكذلك نجزي المحسنين
۽ جنھن مھل (يُوسفؑ) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (ته) حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.


0 ... 150.8 151.8 152.8 153.8 154.8 155.8 156.8 157.8 158.8 159.8 161.8 162.8 163.8 164.8 165.8 166.8 167.8 168.8 169.8 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

5845432122033055182961125455252256781943