بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
1605129اقتلوا يوسف أو اطرحوه أرضا يخل لكم وجه أبيكم وتكونوا من بعده قوما صالحين
(ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو.
16061210قال قائل منهم لا تقتلوا يوسف وألقوه في غيابت الجب يلتقطه بعض السيارة إن كنتم فاعلين
منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو.
16071211قالوا يا أبانا ما لك لا تأمنا على يوسف وإنا له لناصحون
(يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون.
16081212أرسله معنا غدا يرتع ويلعب وإنا له لحافظون
سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون.
16091213قال إني ليحزنني أن تذهبوا به وأخاف أن يأكله الذئب وأنتم عنه غافلون
(يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.
16101214قالوا لئن أكله الذئب ونحن عصبة إنا إذا لخاسرون
چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.
16111215فلما ذهبوا به وأجمعوا أن يجعلوه في غيابت الجب وأوحينا إليه لتنبئنهم بأمرهم هذا وهم لا يشعرون
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.
16121216وجاءوا أباهم عشاء يبكون
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.
16131217قالوا يا أبانا إنا ذهبنا نستبق وتركنا يوسف عند متاعنا فأكله الذئب وما أنت بمؤمن لنا ولو كنا صادقين
چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.
16141218وجاءوا على قميصه بدم كذب قال بل سولت لكم أنفسكم أمرا فصبر جميل والله المستعان على ما تصفون
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.


0 ... 150.4 151.4 152.4 153.4 154.4 155.4 156.4 157.4 158.4 159.4 161.4 162.4 163.4 164.4 165.4 166.4 167.4 168.4 169.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

306499233283736504571623561546386191