نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1597 | 12 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الر تلك آيات الكتاب المبين |
| | | الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن. |
|
1598 | 12 | 2 | إنا أنزلناه قرآنا عربيا لعلكم تعقلون |
| | | بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو. |
|
1599 | 12 | 3 | نحن نقص عليك أحسن القصص بما أوحينا إليك هذا القرآن وإن كنت من قبله لمن الغافلين |
| | | (اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين. |
|
1600 | 12 | 4 | إذ قال يوسف لأبيه يا أبت إني رأيت أحد عشر كوكبا والشمس والقمر رأيتهم لي ساجدين |
| | | (ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن. |
|
1601 | 12 | 5 | قال يا بني لا تقصص رؤياك على إخوتك فيكيدوا لك كيدا إن الشيطان للإنسان عدو مبين |
| | | (يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي. |
|
1602 | 12 | 6 | وكذلك يجتبيك ربك ويعلمك من تأويل الأحاديث ويتم نعمته عليك وعلى آل يعقوب كما أتمها على أبويك من قبل إبراهيم وإسحاق إن ربك عليم حكيم |
| | | ۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
1603 | 12 | 7 | لقد كان في يوسف وإخوته آيات للسائلين |
| | | بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن. |
|
1604 | 12 | 8 | إذ قالوا ليوسف وأخوه أحب إلى أبينا منا ونحن عصبة إن أبانا لفي ضلال مبين |
| | | جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي. |
|
1605 | 12 | 9 | اقتلوا يوسف أو اطرحوه أرضا يخل لكم وجه أبيكم وتكونوا من بعده قوما صالحين |
| | | (ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو. |
|
1606 | 12 | 10 | قال قائل منهم لا تقتلوا يوسف وألقوه في غيابت الجب يلتقطه بعض السيارة إن كنتم فاعلين |
| | | منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو. |
|