نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1577 | 11 | 104 | وما نؤخره إلا لأجل معدود |
| | | ۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون. |
|
1578 | 11 | 105 | يوم يأت لا تكلم نفس إلا بإذنه فمنهم شقي وسعيد |
| | | جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو ته ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نه ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ھوندا ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا. |
|
1579 | 11 | 106 | فأما الذين شقوا ففي النار لهم فيها زفير وشهيق |
| | | پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باہ ۾ (گھڙندا) انھن کي منجھس چيڪَ ۽ دانھَن ھوندي. |
|
1580 | 11 | 107 | خالدين فيها ما دامت السماوات والأرض إلا ما شاء ربك إن ربك فعال لما يريد |
| | | مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي. |
|
1581 | 11 | 108 | وأما الذين سعدوا ففي الجنة خالدين فيها ما دامت السماوات والأرض إلا ما شاء ربك عطاء غير مجذوذ |
| | | ۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا) مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو (ان کانسواءِ) آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي. |
|
1582 | 11 | 109 | فلا تك في مرية مما يعبد هؤلاء ما يعبدون إلا كما يعبد آباؤهم من قبل وإنا لموفوهم نصيبهم غير منقوص |
| | | تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نه رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھوا اِن کانسواءِ اِھي نه پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب) جو سندن پورو حصّو ڏيندڙ آھيون. |
|
1583 | 11 | 110 | ولقد آتينا موسى الكتاب فاختلف فيه ولولا كلمة سبقت من ربك لقضي بينهم وإنهم لفي شك منه مريب |
| | | ۽ بيشڪ موسىؑ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نه ٿي چڪي ھا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن. |
|
1584 | 11 | 111 | وإن كلا لما ليوفينهم ربك أعمالهم إنه بما يعملون خبير |
| | | ۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا ته) سڀڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي. |
|
1585 | 11 | 112 | فاستقم كما أمرت ومن تاب معك ولا تطغوا إنه بما تعملون بصير |
| | | پوءِ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي تئن تون مُحڪم رھ ۽ جن توسان توبه ڪئي (سي به محڪم رھن) ۽ حد کان نه لنگھو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. |
|
1586 | 11 | 113 | ولا تركنوا إلى الذين ظلموا فتمسكم النار وما لكم من دون الله من أولياء ثم لا تنصرون |
| | | ۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نه ڪريو نه ته اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نه آھي وري مدد نه ڏبوَ. |
|