نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1548 | 11 | 75 | إن إبراهيم لحليم أواه منيب |
| | | ڇوته اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو. |
|
1549 | 11 | 76 | يا إبراهيم أعرض عن هذا إنه قد جاء أمر ربك وإنهم آتيهم عذاب غير مردود |
| | | (چيوسون ته) اي ابراھيمؑ اِن خيال کان مُڙي وڃ، تحقيق تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي. |
|
1550 | 11 | 77 | ولما جاءت رسلنا لوطا سيء بهم وضاق بهم ذرعا وقال هذا يوم عصيب |
| | | ۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ انھن جي سببان تنگدل ٿيو ۽ چيائين ته ھي ڏينھن سخت آھي. |
|
1551 | 11 | 78 | وجاءه قومه يهرعون إليه ومن قبل كانوا يعملون السيئات قال يا قوم هؤلاء بناتي هن أطهر لكم فاتقوا الله ولا تخزون في ضيفي أليس منكم رجل رشيد |
| | | ۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي)؟ |
|
1552 | 11 | 79 | قالوا لقد علمت ما لنا في بناتك من حق وإنك لتعلم ما نريد |
| | | چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا. |
|
1553 | 11 | 80 | قال لو أن لي بكم قوة أو آوي إلى ركن شديد |
| | | (لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا). |
|
1554 | 11 | 81 | قالوا يا لوط إنا رسل ربك لن يصلوا إليك فأسر بأهلك بقطع من الليل ولا يلتفت منكم أحد إلا امرأتك إنه مصيبها ما أصابهم إن موعدهم الصبح أليس الصبح بقريب |
| | | (ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟ |
|
1555 | 11 | 82 | فلما جاء أمرنا جعلنا عاليها سافلها وأمطرنا عليها حجارة من سجيل منضود |
| | | پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون. |
|
1556 | 11 | 83 | مسومة عند ربك وما هي من الظالمين ببعيد |
| | | جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي. |
|
1557 | 11 | 84 | وإلى مدين أخاهم شعيبا قال يا قوم اعبدوا الله ما لكم من إله غيره ولا تنقصوا المكيال والميزان إني أراكم بخير وإني أخاف عليكم عذاب يوم محيط |
| | | ۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو. |
|