بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
1532146الذين آتيناهم الكتاب يعرفونه كما يعرفون أبناءهم وإن فريقا منهم ليكتمون الحق وهم يعلمون
جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن (قبلي جي ڦير) کي اِئين سڃاڻندا آھن جئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن ڪا ٽولي ڄاڻ ھوندي بيشڪ سچ کي لڪائيندي آھي.
1542147الحق من ربك فلا تكونن من الممترين
اِھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي تنھنڪري تون شڪ وارن مان بنھ نه ٿيءُ.
1552148ولكل وجهة هو موليها فاستبقوا الخيرات أين ما تكونوا يأت بكم الله جميعا إن الله على كل شيء قدير
۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪڙو قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو مھاڙ ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
1562149ومن حيث خرجت فول وجهك شطر المسجد الحرام وإنه للحق من ربك وما الله بغافل عما تعملون
۽ (اي پيغمبر) جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ بيشڪ اِھو (ڦيرائڻ) تنھنجي پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.
1572150ومن حيث خرجت فول وجهك شطر المسجد الحرام وحيث ما كنتم فولوا وجوهكم شطره لئلا يكون للناس عليكم حجة إلا الذين ظلموا منهم فلا تخشوهم واخشوني ولأتم نعمتي عليكم ولعلكم تهتدون
۽ جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ جتي ھجو (تتي) پنھنجا منھن ان ڏانھن ڦيرايو (ھن لاءِ) ته منجھانئن جن ظلم ڪيو تن کان سواءِ ٻـين ماڻھن کي اوھان تي ڪا حجت نه رھي، پوءِ کانئن نه ڊڄو، ۽ (ھن لاءِ) ته (آءٌ) پنھنجي نعمت اوھان تي پوري ڪريان ۽ مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو.
1582151كما أرسلنا فيكم رسولا منكم يتلو عليكم آياتنا ويزكيكم ويعلمكم الكتاب والحكمة ويعلمكم ما لم تكونوا تعلمون
جھڙيءَ طرح اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون (تھڙيءَ طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نه ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي.
1592152فاذكروني أذكركم واشكروا لي ولا تكفرون
تنھنڪري مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوھان کي ياد ڪريان ۽ منھن جو شڪر ڪريو ۽ منھن جي بي شڪري نه ڪريو.
1602153يا أيها الذين آمنوا استعينوا بالصبر والصلاة إن الله مع الصابرين
اي مؤمنؤ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ڇوته الله صابرن سان آھي.
1612154ولا تقولوا لمن يقتل في سبيل الله أموات بل أحياء ولكن لا تشعرون
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسن تن کي مئل نه چئو، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن پر اوھين نه ٿا پروڙيو.
1622155ولنبلونكم بشيء من الخوف والجوع ونقص من الأموال والأنفس والثمرات وبشر الصابرين
۽ اوھان کي ڀوَ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جندن جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شيء سان ضرور پرکينداسون، ۽ (اي پيغمبر) اُنھن صابرن کي خُوشخبري ڏي.


0 ... 5.2 6.2 7.2 8.2 9.2 10.2 11.2 12.2 13.2 14.2 16.2 17.2 18.2 19.2 20.2 21.2 22.2 23.2 24.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

5617542572143002345125719045391025745