نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1474 | 11 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الر كتاب أحكمت آياته ثم فصلت من لدن حكيم خبير |
| | | الرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناء الله وٽان بيان ڪيل آھن. |
|
1475 | 11 | 2 | ألا تعبدوا إلا الله إنني لكم منه نذير وبشير |
| | | ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان. |
|
1476 | 11 | 3 | وأن استغفروا ربكم ثم توبوا إليه يمتعكم متاعا حسنا إلى أجل مسمى ويؤت كل ذي فضل فضله وإن تولوا فإني أخاف عليكم عذاب يوم كبير |
| | | ۽ ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبه ڪري) موٽو ته ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي جو عوض ڏئي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو. |
|
1477 | 11 | 4 | إلى الله مرجعكم وهو على كل شيء قدير |
| | | الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي تي وس وارو آھي. |
|
1478 | 11 | 5 | ألا إنهم يثنون صدورهم ليستخفوا منه ألا حين يستغشون ثيابهم يعلم ما يسرون وما يعلنون إنه عليم بذات الصدور |
| | | خبردار بيشڪ اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن ته کانئس لِڪن، خبردار جنھن دم (اُھِي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم ۾) جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرا ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي. |
|
1479 | 11 | 6 | وما من دابة في الأرض إلا على الله رزقها ويعلم مستقرها ومستودعها كل في كتاب مبين |
| | | ۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نه پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀڻ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ لکيل آھي. |
|
1480 | 11 | 7 | وهو الذي خلق السماوات والأرض في ستة أيام وكان عرشه على الماء ليبلوكم أيكم أحسن عملا ولئن قلت إنكم مبعوثون من بعد الموت ليقولن الذين كفروا إن هذا إلا سحر مبين |
| | | ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) ته اوھان کي پرکي ته اوھان مان عملن جي ڪري ڪير تمام چڱو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين ته موت کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ ته ڪافر ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي. |
|
1481 | 11 | 8 | ولئن أخرنا عنهم العذاب إلى أمة معدودة ليقولن ما يحبسه ألا يوم يأتيهم ليس مصروفا عنهم وحاق بهم ما كانوا به يستهزئون |
| | | ۽ جيڪڏھن ڪنھن مُقرّر مُدّت تائين کائن عذاب کڻي ھٽايون ته ضرور چوندا ته اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کائن ٽرڻو نه آھي ۽ جنھن (شيء) سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي. |
|
1482 | 11 | 9 | ولئن أذقنا الإنسان منا رحمة ثم نزعناها منه إنه ليئوس كفور |
| | | ۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا (۽) وري اُھا کانئس کسيون ٿا، ته اُھو نااميد بي شڪر (بڻيو) آھي. |
|
1483 | 11 | 10 | ولئن أذقناه نعماء بعد ضراء مسته ليقولن ذهب السيئات عني إنه لفرح فخور |
| | | ۽ جيڪڏھن ان کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون ته ضرور چوندو ته مون کان ڏک ويا، اھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي. |
|