نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1433 | 10 | 69 | قل إن الذين يفترون على الله الكذب لا يفلحون |
| | | چؤ جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي نه ڇٽندا. |
|
1434 | 10 | 70 | متاع في الدنيا ثم إلينا مرجعهم ثم نذيقهم العذاب الشديد بما كانوا يكفرون |
| | | دنيا ۾ ٿورو آسودو گذران ھوندن وري اسان وٽ سندن موٽڻ آھي پوءِ کين انھي سببان سخت عذاب چکائينداسين جو ڪُفر ڪندا آھن. |
|
1435 | 10 | 71 | واتل عليهم نبأ نوح إذ قال لقومه يا قوم إن كان كبر عليكم مقامي وتذكيري بآيات الله فعلى الله توكلت فأجمعوا أمركم وشركاءكم ثم لا يكن أمركم عليكم غمة ثم اقضوا إلي ولا تنظرون |
| | | ۽ نُوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳوري ٿي آھي ته الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي ڪم ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھان جو ڪم اوھان کان ڳجھو رھجي نه وڃي ته پوءِ مون سان ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نه ڏيو. |
|
1436 | 10 | 72 | فإن توليتم فما سألتكم من أجر إن أجري إلا على الله وأمرت أن أكون من المسلمين |
| | | پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (ته ڇا ٿيو) مون اوھان کان ڪو اجورو نه گھريو ھو، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي ته مُسلمانن مان ھجان. |
|
1437 | 10 | 73 | فكذبوه فنجيناه ومن معه في الفلك وجعلناهم خلائف وأغرقنا الذين كذبوا بآياتنا فانظر كيف كان عاقبة المنذرين |
| | | پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙي ۾ ساڻس ھوا تن کي بچايوسون ۽ کين انھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي. |
|
1438 | 10 | 74 | ثم بعثنا من بعده رسلا إلى قومهم فجاءوهم بالبينات فما كانوا ليؤمنوا بما كذبوا به من قبل كذلك نطبع على قلوب المعتدين |
| | | پوءِ اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نه ھوا جو جنھن شيء کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون. |
|
1439 | 10 | 75 | ثم بعثنا من بعدهم موسى وهارون إلى فرعون وملئه بآياتنا فاستكبروا وكانوا قوما مجرمين |
| | | وري کائن پوءِ مُوسىٰ ۽ ھارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سميت موڪليوسون پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ ڏوھارڻ قوم ھُئي. |
|
1440 | 10 | 76 | فلما جاءهم الحق من عندنا قالوا إن هذا لسحر مبين |
| | | پوءِ جنھن مھل وٽن اسان وٽان سچي ڳالھ آئي (تڏھن) چيائون ته بيشڪ ھي پڌرو جادو آڳي. |
|
1441 | 10 | 77 | قال موسى أتقولون للحق لما جاءكم أسحر هذا ولا يفلح الساحرون |
| | | مُوسىٰ چيو جڏھن اوھان وٽ حق آيو (ته) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (ته جادو آھي)؟ ھي جادو آھي ڇا؟ ۽ جادوگر نه ڇٽندا. |
|
1442 | 10 | 78 | قالوا أجئتنا لتلفتنا عما وجدنا عليه آباءنا وتكون لكما الكبرياء في الأرض وما نحن لكما بمؤمنين |
| | | چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته جنھن (مذھب) تي اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ڏٺا تنھن کان اسان کي روڪين ۽ مُلڪ ۾ اوھان (ٻنھي) لاءِ وڏائي ھجي؟ ۽ اسين اوھان کي مڃڻ وارا نه آھيون. |
|