نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1372 | 10 | 8 | أولئك مأواهم النار بما كانوا يكسبون |
| | | اھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان انھن جو مڪان باھ آھي. |
|
1373 | 10 | 9 | إن الذين آمنوا وعملوا الصالحات يهديهم ربهم بإيمانهم تجري من تحتهم الأنهار في جنات النعيم |
| | | (۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن. |
|
1374 | 10 | 10 | دعواهم فيها سبحانك اللهم وتحيتهم فيها سلام وآخر دعواهم أن الحمد لله رب العالمين |
| | | منجھن سندين دُعا (ھيءَ) آھي ته اي الله توکي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آڌرڀاءُ سلام آھي، سندين پوئين دُعا ھيءَ آھي ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي. |
|
1375 | 10 | 11 | ولو يعجل الله للناس الشر استعجالهم بالخير لقضي إليهم أجلهم فنذر الذين لا يرجون لقاءنا في طغيانهم يعمهون |
| | | ۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو اُھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن ته سندين (ٺھرايل) مدت انھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اميد نه رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون. |
|
1376 | 10 | 12 | وإذا مس الإنسان الضر دعانا لجنبه أو قاعدا أو قائما فلما كشفنا عنه ضره مر كأن لم يدعنا إلى ضر مسه كذلك زين للمسرفين ما كانوا يعملون |
| | | ۽ جنھن مھل ماڻھوءَ کي ڪو ڏُک پھچندو آھي (ته) پنھنجي پاسي ڀر ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (ته اُن وقت اھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه ھوائين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي. |
|
1377 | 10 | 13 | ولقد أهلكنا القرون من قبلكم لما ظلموا وجاءتهم رسلهم بالبينات وما كانوا ليؤمنوا كذلك نجزي القوم المجرمين |
| | | ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻن) جُڳن وارن جڏھن ظلم ڪيو ته (کين) ھلاڪ ڪيو اٿون ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نه ھوا جو ايمان آڻين، اھڙي طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون. |
|
1378 | 10 | 14 | ثم جعلناكم خلائف في الأرض من بعدهم لننظر كيف تعملون |
| | | وري کائن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندين جاڳھن تي وھاريوسون ته اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا. |
|
1379 | 10 | 15 | وإذا تتلى عليهم آياتنا بينات قال الذين لا يرجون لقاءنا ائت بقرآن غير هذا أو بدله قل ما يكون لي أن أبدله من تلقاء نفسي إن أتبع إلا ما يوحى إلي إني أخاف إن عصيت ربي عذاب يوم عظيم |
| | | ۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (ته) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ، چؤ ته پنھنجي طرفان ان جي مٽائڻ جو مون کي اختيار ڪونھي، جيڪي مونکي وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻئي ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، بيشڪ آءٌ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
|
1380 | 10 | 16 | قل لو شاء الله ما تلوته عليكم ولا أدراكم به فقد لبثت فيكم عمرا من قبله أفلا تعقلون |
| | | چؤ ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته آءٌ اُن (قرآن) کي اوھان تي نه پڙھان ھا ۽ نڪي (الله) اُن سان اوھان کي ڄاڻي ھا، بيشڪ آءٌ اوھان ۾ ھن کان اڳ (سڄي) ڄمار رھيس (ته نه پڙھيم)، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟ |
|
1381 | 10 | 17 | فمن أظلم ممن افترى على الله كذبا أو كذب بآياته إنه لا يفلح المجرمون |
| | | پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھي يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڄاڻي، سچ آھي ته ڏوھاري نه ڇُٽندا. |
|