نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1358 | 9 | 123 | يا أيها الذين آمنوا قاتلوا الذين يلونكم من الكفار وليجدوا فيكم غلظة واعلموا أن الله مع المتقين |
| | | اي مؤمنو ڪافرن مان جيڪي اوھان جي آس پاس آھن تن سان وڙھو ۽ ڀَلي ته (اُھي) اوھان ۾ ڪا ڏاڍائي ڏسن، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي. |
|
1359 | 9 | 124 | وإذا ما أنزلت سورة فمنهم من يقول أيكم زادته هذه إيمانا فأما الذين آمنوا فزادتهم إيمانا وهم يستبشرون |
| | | ۽ جڏھن ڪابه سُورة لاھبي آھي ته منجھائن ڪو اھڙو آھي جو چوندو آھي ته ھن سورة اوھان مان ڪھڙي جو ايمان وڌايو آھي؟ پوءِ جن ايمان آندو آھي تن جي ايمان کي وڌايو اٿس ۽ اُھي خوش ٿيندا آھن. |
|
1360 | 9 | 125 | وأما الذين في قلوبهم مرض فزادتهم رجسا إلى رجسهم وماتوا وهم كافرون |
| | | ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي پليتي تي پليتي وڌائي اٿس ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا. |
|
1361 | 9 | 126 | أولا يرون أنهم يفتنون في كل عام مرة أو مرتين ثم لا يتوبون ولا هم يذكرون |
| | | نه ڏسندا آھن ڇا ته ھر سال ھڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا سزا ڏني ويندي اٿن؟ وري نڪي توبه ڪندا آھن ۽ نڪي اُھي نصيحت وٺندا آھن. |
|
1362 | 9 | 127 | وإذا ما أنزلت سورة نظر بعضهم إلى بعض هل يراكم من أحد ثم انصرفوا صرف الله قلوبهم بأنهم قوم لا يفقهون |
| | | ۽ جڏھن ڪا سورة (انھن بابت) نازل ڪبي آھي (ته) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن (شرمندگيءَ کان) نھاريندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) ڪنھن اوھانکي ڏٺو آھي ڇا؟ وري (گھرن ڏانھن) موٽندا آھن، الله سندن دليون ھن سببان ڦيرايون آھن جو اُھا بي سمجھ قوم آھي. |
|
1363 | 9 | 128 | لقد جاءكم رسول من أنفسكم عزيز عليه ما عنتم حريص عليكم بالمؤمنين رءوف رحيم |
| | | (اي ماڻھو) بيشڪ اوھان جي جنس منجھان اوھان وٽ پيغمبر آيو آھي اوھان جو ڏُک مٿس اوکو آھي اوھان (جي ھدايت) تي حَرِيص آھي مسلمانن تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي. |
|
1364 | 9 | 129 | فإن تولوا فقل حسبي الله لا إله إلا هو عليه توكلت وهو رب العرش العظيم |
| | | پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ اُھو وڏي عرش جو مالڪ آھي. |
|
1365 | 10 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الر تلك آيات الكتاب الحكيم |
| | | الٓرٰ، ھيءُ آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن. |
|
1366 | 10 | 2 | أكان للناس عجبا أن أوحينا إلى رجل منهم أن أنذر الناس وبشر الذين آمنوا أن لهم قدم صدق عند ربهم قال الكافرون إن هذا لساحر مبين |
| | | ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي ڇا ته منجھائن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون ته ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو ته ھي پڌرو جادوگر آھي. |
|
1367 | 10 | 3 | إن ربكم الله الذي خلق السماوات والأرض في ستة أيام ثم استوى على العرش يدبر الأمر ما من شفيع إلا من بعد إذنه ذلكم الله ربكم فاعبدوه أفلا تذكرون |
| | | بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّه ڪيائين اھوئي ڪمن کي رِٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نه آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟ |
|