نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1342 | 9 | 107 | والذين اتخذوا مسجدا ضرارا وكفرا وتفريقا بين المؤمنين وإرصادا لمن حارب الله ورسوله من قبل وليحلفن إن أردنا إلا الحسنى والله يشهد إنهم لكاذبون |
| | | ۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن. |
|
1343 | 9 | 108 | لا تقم فيه أبدا لمسجد أسس على التقوى من أول يوم أحق أن تقوم فيه فيه رجال يحبون أن يتطهروا والله يحب المطهرين |
| | | منجھس اصلي نه بيھ، جا مسجد پھرين ڏينھن پرھيزگاريءَ تي اڏائي ويئي آھي تنھن ۾ توکي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مڙس آھن جي پاڪ رھڻ پسند ڪندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي پسند ڪندو آھي. |
|
1344 | 9 | 109 | أفمن أسس بنيانه على تقوى من الله ورضوان خير أم من أسس بنيانه على شفا جرف هار فانهار به في نار جهنم والله لا يهدي القوم الظالمين |
| | | ڀلا جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪرندڙ ڀر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي. |
|
1345 | 9 | 110 | لا يزال بنيانهم الذي بنوا ريبة في قلوبهم إلا أن تقطع قلوبهم والله عليم حكيم |
| | | جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندين دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نه ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
1346 | 9 | 111 | إن الله اشترى من المؤمنين أنفسهم وأموالهم بأن لهم الجنة يقاتلون في سبيل الله فيقتلون ويقتلون وعدا عليه حقا في التوراة والإنجيل والقرآن ومن أوفى بعهده من الله فاستبشروا ببيعكم الذي بايعتم به وذلك هو الفوز العظيم |
| | | الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت انھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (به) آھن ۽ ماربا (به) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جو اوھان واپار ڪيو آھي تنھن تي خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي. |
|
1347 | 9 | 112 | التائبون العابدون الحامدون السائحون الراكعون الساجدون الآمرون بالمعروف والناهون عن المنكر والحافظون لحدود الله وبشر المؤمنين |
| | | اِھي توبه ڪندڙ عبادت ڪندڙ ساراھ ڪندڙ (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ رُڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاہ ۾ رکندڙ آھن، ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي. |
|
1348 | 9 | 113 | ما كان للنبي والذين آمنوا أن يستغفروا للمشركين ولو كانوا أولي قربى من بعد ما تبين لهم أنهم أصحاب الجحيم |
| | | پيغمبر ۽ مؤمنن کي مشرڪن لاءِ کين (ھن ڳالھ جي) پڌري ٿيڻ کانپوءِ ته اُھي دوزخي آھن بخشش گھرڻ نه جڳائي توڻيڪ مائٽيءَ وارا ھجن. |
|
1349 | 9 | 114 | وما كان استغفار إبراهيم لأبيه إلا عن موعدة وعدها إياه فلما تبين له أنه عدو لله تبرأ منه إن إبراهيم لأواه حليم |
| | | ۽ ابراھيم جو پنھنجي پيءُ لاءِ بخشش گھرڻ انجام کانسواءِ نه ھو جو اُن ساڻس انجام ڪيو ھو، پوءِ جنھن دم کيس پڌرو ٿيو ته اُھو الله جو ويري آھي (ته ھڪدم) کانئس بيزار ٿيو، بيشڪ ابراھيم بلڪل ڪئنري دل وارو بُردبار ھو. |
|
1350 | 9 | 115 | وما كان الله ليضل قوما بعد إذ هداهم حتى يبين لهم ما يتقون إن الله بكل شيء عليم |
| | | ۽ الله جو ڪم نه آھي جو ڪنھن قوم کي سڌي رستي ڏيکارڻ کانپوءِ گمراہ ڪري جيسين اُھي (ڳالھيون) اُنھن لاءِ پڌريون (نه) ڪري جن کان انھن کي بچڻ گھرجي بيشڪ الله ھر شيء ڄاڻندڙ آھي. |
|
1351 | 9 | 116 | إن الله له ملك السماوات والأرض يحيي ويميت وما لكم من دون الله من ولي ولا نصير |
| | | بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي ئي آھي، (اُھو) جياري ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو دوست ۽ نڪو مدد ڏيندڙ آھي. |
|