نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1322 | 9 | 87 | رضوا بأن يكونوا مع الخوالف وطبع على قلوبهم فهم لا يفقهون |
| | | ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن. |
|
1323 | 9 | 88 | لكن الرسول والذين آمنوا معه جاهدوا بأموالهم وأنفسهم وأولئك لهم الخيرات وأولئك هم المفلحون |
| | | پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن. |
|
1324 | 9 | 89 | أعد الله لهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها ذلك الفوز العظيم |
| | | انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
|
1325 | 9 | 90 | وجاء المعذرون من الأعراب ليؤذن لهم وقعد الذين كذبوا الله ورسوله سيصيب الذين كفروا منهم عذاب أليم |
| | | ۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو. |
|
1326 | 9 | 91 | ليس على الضعفاء ولا على المرضى ولا على الذين لا يجدون ما ينفقون حرج إذا نصحوا لله ورسوله ما على المحسنين من سبيل والله غفور رحيم |
| | | نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
1327 | 9 | 92 | ولا على الذين إذا ما أتوك لتحملهم قلت لا أجد ما أحملكم عليه تولوا وأعينهم تفيض من الدمع حزنا ألا يجدوا ما ينفقون |
| | | ۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين (۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن، |
|
1328 | 9 | 93 | إنما السبيل على الذين يستأذنونك وهم أغنياء رضوا بأن يكونوا مع الخوالف وطبع الله على قلوبهم فهم لا يعلمون |
| | | ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن. |
|
1329 | 9 | 94 | يعتذرون إليكم إذا رجعتم إليهم قل لا تعتذروا لن نؤمن لكم قد نبأنا الله من أخباركم وسيرى الله عملكم ورسوله ثم تردون إلى عالم الغيب والشهادة فينبئكم بما كنتم تعملون |
| | | جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ (۽) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو. |
|
1330 | 9 | 95 | سيحلفون بالله لكم إذا انقلبتم إليهم لتعرضوا عنهم فأعرضوا عنهم إنهم رجس ومأواهم جهنم جزاء بما كانوا يكسبون |
| | | جڏھن انھن ڏانھن موٽندؤ (ته) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھِن لاءِ کڻندا ته (اوھين) کائن مڙي وڃو، پوءِ کائن مڙي وڃو، بيشڪ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ٿي ڪمايائون تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي. |
|
1331 | 9 | 96 | يحلفون لكم لترضوا عنهم فإن ترضوا عنهم فإن الله لا يرضى عن القوم الفاسقين |
| | | اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا ته (اوھين) کائن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کائن راضي ٿيندؤ ته (به) الله بي دين ماڻھن کان راضي نه ٿيندو. |
|