نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
128 | 2 | 121 | الذين آتيناهم الكتاب يتلونه حق تلاوته أولئك يؤمنون به ومن يكفر به فأولئك هم الخاسرون |
| | | جن کي ڪتاب ڏنوسون سي ان کي اھڙي طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا سي ئي ڇيئي وارا آھن. |
|
129 | 2 | 122 | يا بني إسرائيل اذكروا نعمتي التي أنعمت عليكم وأني فضلتكم على العالمين |
| | | اي بني اسرائيلؤ اُھي مُنھنجا ڳُڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو. |
|
130 | 2 | 123 | واتقوا يوما لا تجزي نفس عن نفس شيئا ولا يقبل منها عدل ولا تنفعها شفاعة ولا هم ينصرون |
| | | ۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ به نه ٽاري سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي. |
|
131 | 2 | 124 | وإذ ابتلى إبراهيم ربه بكلمات فأتمهن قال إني جاعلك للناس إماما قال ومن ذريتي قال لا ينال عهدي الظالمين |
| | | ۽ جڏھن ابراھيمؑ کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻھن لاءِ امام مُقرّر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن ابراھيم) چيو ته منھنجي اولاد مان به (امام ڪندين؟ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو. |
|
132 | 2 | 125 | وإذ جعلنا البيت مثابة للناس وأمنا واتخذوا من مقام إبراهيم مصلى وعهدنا إلى إبراهيم وإسماعيل أن طهرا بيتي للطائفين والعاكفين والركع السجود |
| | | ۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو. |
|
133 | 2 | 126 | وإذ قال إبراهيم رب اجعل هذا بلدا آمنا وارزق أهله من الثمرات من آمن منهم بالله واليوم الآخر قال ومن كفر فأمتعه قليلا ثم أضطره إلى عذاب النار وبئس المصير |
| | | ۽ جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن جو ھنڌ ڪر ۽ سندس رھندڙن مان انھن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجھائن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين، (تڏھن الله) فرمايو ته جنھن نه مڃيو (تنھن کي به) پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينھن آسودو ڪندس وري کيس باھ جي عذاب ڏانھن بيوس ڪندس، ۽ اُھا بُڇڙي جاءِ آھي. |
|
134 | 2 | 127 | وإذ يرفع إبراهيم القواعد من البيت وإسماعيل ربنا تقبل منا إنك أنت السميع العليم |
| | | ۽ جڏھن ابراھيم ۽ اسمٰعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا هُئا (تڏھن چوندا هُئا ته) اي اسان جا پالڻھار (ھيءُ پورھيو) اسان کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين. |
|
135 | 2 | 128 | ربنا واجعلنا مسلمين لك ومن ذريتنا أمة مسلمة لك وأرنا مناسكنا وتب علينا إنك أنت التواب الرحيم |
| | | ۽ اسان جا پالڻھار اسان کي پنھنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (به) ھڪ ٽوليءَ کي پنھنجو فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، ڇو ته تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مھربان آھين. |
|
136 | 2 | 129 | ربنا وابعث فيهم رسولا منهم يتلو عليهم آياتك ويعلمهم الكتاب والحكمة ويزكيهم إنك أنت العزيز الحكيم |
| | | ۽ اي اسان جا پالڻھار منجھانئن ھڪ پيغمبر منجھن موڪل جو تنھنجون آيتون مٿن پڙھي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ کين سڌاري، ڇو ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين. |
|
137 | 2 | 130 | ومن يرغب عن ملة إبراهيم إلا من سفه نفسه ولقد اصطفيناه في الدنيا وإنه في الآخرة لمن الصالحين |
| | | ۽ جنھن پاڻ کي بي سمجھ ڪيو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير ابراھيم جي دين کان مُڙندو، ۽ بيشڪ کيس دنيا ۾ چونڊيو سون، ۽ اُھو آخرت ۾ ضرور ڀلارن مان آھي. |
|