بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
1326إن الذين كفروا سواء عليهم أأنذرتهم أم لم تنذرهم لا يؤمنون
بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر!) تنھنجو کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) ھڪجھڙو آھي اِھي ايمان نه آڻيندا.
1427ختم الله على قلوبهم وعلى سمعهم وعلى أبصارهم غشاوة ولهم عذاب عظيم
الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي، ۽ سندن اکين تي ڇَوڙُ (چڙھيل) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
1528ومن الناس من يقول آمنا بالله وباليوم الآخر وما هم بمؤمنين
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نه آھن.
1629يخادعون الله والذين آمنوا وما يخدعون إلا أنفسهم وما يشعرون
الله ۽ مومنن کي دلبو ڏيندا آھن، ۽ حالانڪ پاڻ کان سواءِ (ٻئي ڪنھن کي) دلبو نه ڏيندا آھن ۽ نه سمجھندا آھن.
17210في قلوبهم مرض فزادهم الله مرضا ولهم عذاب أليم بما كانوا يكذبون
سندن دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي، ۽ انھيءَ ڪري جو (ھو) ڪُوڙ ڳالھائيندا آھن انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
18211وإذا قيل لهم لا تفسدوا في الأرض قالوا إنما نحن مصلحون
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته مُلڪ ۾ فساد نه وجھو، چوندا آھن ته اسين سڌاريندڙ ئي آھيون.
19212ألا إنهم هم المفسدون ولكن لا يشعرون
خبردار! اِھي پاڻ فسادي آھن پر نه سمجھندا آھن.
20213وإذا قيل لهم آمنوا كما آمن الناس قالوا أنؤمن كما آمن السفهاء ألا إنهم هم السفهاء ولكن لا يعلمون
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جھڙي طرح ٻـين ماڻھن ايمان آندو آھي (تھڙي طرح اوھين به) ايمان آڻيو (تڏھن) چوندا آھن ته جئن بي سمجھن ايمان آندو آھي تئن ايمان آڻيون ڇا؟ خبردار، اُھي ئي بي سمجھ آھن پر نه ڄاڻندا آھن.
21214وإذا لقوا الذين آمنوا قالوا آمنا وإذا خلوا إلى شياطينهم قالوا إنا معكم إنما نحن مستهزئون
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسان ايمان آندو آھي، ۽ جڏھن پنھنجن شيطانن (سردارن) کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسين (پر ۾) اوھان سان آھيون اسين (مؤمنن سان) رڳو چٿر ڪندڙ آھيون.
22215الله يستهزئ بهم ويمدهم في طغيانهم يعمهون
الله ساڻن چٿر ڪندو آھي ۽ انھن کي پنھنجي سرڪشي ۾ ڊيگھ ڏيندو آھي جو عقل جا انڌا آھن.


0 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

284022634345186032295665212619591393957