بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
11577203وإذا لم تأتهم بآية قالوا لولا اجتبيتها قل إنما أتبع ما يوحى إلي من ربي هذا بصائر من ربكم وهدى ورحمة لقوم يؤمنون
۽ (اي پيغمبر) جڏھن وٽن ڪا آيت نه آڻيندو آھين (ته) چوندا آھن ته (پاڻون) ڇونه ٺاھيندو آھين؟ چؤ ته جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ انھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي.
11587204وإذا قرئ القرآن فاستمعوا له وأنصتوا لعلكم ترحمون
۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو مانَ ٻاجھ ڪيا وڃو.
11597205واذكر ربك في نفسك تضرعا وخيفة ودون الجهر من القول بالغدو والآصال ولا تكن من الغافلين
۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀو سان وڏي آواز ڌاران صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه ھُج.
11607206إن الذين عند ربك لا يستكبرون عن عبادته ويسبحونه وله يسجدون
تحقيق جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ ان کي سجدو ڪندا آھن.
116181بسم الله الرحمن الرحيم يسألونك عن الأنفال قل الأنفال لله والرسول فاتقوا الله وأصلحوا ذات بينكم وأطيعوا الله ورسوله إن كنتم مؤمنين
(اي پيغمبر) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله ۽ سندس رَسُول جي فرمانبرداري ڪريو.
116282إنما المؤمنون الذين إذا ذكر الله وجلت قلوبهم وإذا تليت عليهم آياته زادتهم إيمانا وعلى ربهم يتوكلون
مُؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته) ڊڄنديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.
116383الذين يقيمون الصلاة ومما رزقناهم ينفقون
اُھي نماز پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.
116484أولئك هم المؤمنون حقا لهم درجات عند ربهم ومغفرة ورزق كريم
اِھي ئي پڪا مؤمن آھن، انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آھي.
116585كما أخرجك ربك من بيتك بالحق وإن فريقا من المؤمنين لكارهون
جئن تنھنجي رب توکي تنھنجي گھر (مدينه) مان سچي تدبير لاءِ ٻاھر آندو، ۽ بيشڪ مؤمنن منجھان ھڪ ٽولي ضرور ناراض ھئي.
116686يجادلونك في الحق بعدما تبين كأنما يساقون إلى الموت وهم ينظرون
اُھي سچي ڳالھه بابت ان جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ (به) توسان گفتگو ڪندا رھيا ڄڻ ته اُھي (اکين سان) ڏسندي موت ڏانھن ھڪاليا وڃن ٿا.


0 ... 105.6 106.6 107.6 108.6 109.6 110.6 111.6 112.6 113.6 114.6 116.6 117.6 118.6 119.6 120.6 121.6 122.6 123.6 124.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2723303707102261512336478943631575143