نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1152 | 7 | 198 | وإن تدعوهم إلى الهدى لا يسمعوا وتراهم ينظرون إليك وهم لا يبصرون |
| | | ۽ جيڪڏھن اوھين انھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو ته ڪين ٻڌندا، کين ڏسندو آھين (ته ڄڻ) ته توڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نه آھن. |
|
1153 | 7 | 199 | خذ العفو وأمر بالعرف وأعرض عن الجاهلين |
| | | (اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ. |
|
1154 | 7 | 200 | وإما ينزغنك من الشيطان نزغ فاستعذ بالله إنه سميع عليم |
| | | ۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان ڪو وسوسو پوي ته الله کان پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
1155 | 7 | 201 | إن الذين اتقوا إذا مسهم طائف من الشيطان تذكروا فإذا هم مبصرون |
| | | جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن. |
|
1156 | 7 | 202 | وإخوانهم يمدونهم في الغي ثم لا يقصرون |
| | | ۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نه گھٽائيندا آھن. |
|
1157 | 7 | 203 | وإذا لم تأتهم بآية قالوا لولا اجتبيتها قل إنما أتبع ما يوحى إلي من ربي هذا بصائر من ربكم وهدى ورحمة لقوم يؤمنون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جڏھن وٽن ڪا آيت نه آڻيندو آھين (ته) چوندا آھن ته (پاڻون) ڇونه ٺاھيندو آھين؟ چؤ ته جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ انھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي. |
|
1158 | 7 | 204 | وإذا قرئ القرآن فاستمعوا له وأنصتوا لعلكم ترحمون |
| | | ۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو مانَ ٻاجھ ڪيا وڃو. |
|
1159 | 7 | 205 | واذكر ربك في نفسك تضرعا وخيفة ودون الجهر من القول بالغدو والآصال ولا تكن من الغافلين |
| | | ۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀو سان وڏي آواز ڌاران صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه ھُج. |
|
1160 | 7 | 206 | إن الذين عند ربك لا يستكبرون عن عبادته ويسبحونه وله يسجدون |
| | | تحقيق جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ ان کي سجدو ڪندا آھن. |
|
1161 | 8 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم يسألونك عن الأنفال قل الأنفال لله والرسول فاتقوا الله وأصلحوا ذات بينكم وأطيعوا الله ورسوله إن كنتم مؤمنين |
| | | (اي پيغمبر) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله ۽ سندس رَسُول جي فرمانبرداري ڪريو. |
|