بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
1122105ما يود الذين كفروا من أهل الكتاب ولا المشركين أن ينزل عليكم من خير من ربكم والله يختص برحمته من يشاء والله ذو الفضل العظيم
نڪي ڪو ڪتاب وارن ڪافرن مان ۽ نڪي ڪو مشرڪن مان اوھان جي پالڻھار کان اوھان تي ڪنھن چڱائيءَ جو لھڻ گھرندو آھي، ۽ الله پنھنجي ٻاجھ سان جنھن کي وڻيس تنھن کي چونڊيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
1132106ما ننسخ من آية أو ننسها نأت بخير منها أو مثلها ألم تعلم أن الله على كل شيء قدير
(اي پيغمبر) جي ڪا آيت منسوخ ڪندا آھيون يا (تنھنجي دل تان) اُھا وسارائيندا آھيون ته انھي کان چڱي يا جھڙيس آڻيندا آھيون. نه ڄاڻندو آھين ڇا ته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي؟
1142107ألم تعلم أن الله له ملك السماوات والأرض وما لكم من دون الله من ولي ولا نصير
(اي پيغمبر) نه ڄاڻندو آھين ڇا ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو آھي؟
1152108أم تريدون أن تسألوا رسولكم كما سئل موسى من قبل ومن يتبدل الكفر بالإيمان فقد ضل سواء السبيل
(اي مسلمانؤ) اوھين پنھنجي پيغمبر کان ايئن سوال ڪرڻ ڇو ٿا گھرو جيئن اڳ (يھودين) موسىٰ کان پڇيو ھو؟ ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو سو بيشڪ سِڌيءَ واٽ کان ڀُلو.
1162109ود كثير من أهل الكتاب لو يردونكم من بعد إيمانكم كفارا حسدا من عند أنفسهم من بعد ما تبين لهم الحق فاعفوا واصفحوا حتى يأتي الله بأمره إن الله على كل شيء قدير
ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن ته جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوھان کي ساڙ سببان جو سندين دلين ۾ آھي کين جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي ان کانپوءِ به موٽائي ڪافر ڪن، پوءِ ايسين ٽري وڃو ۽ مُڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
1172110وأقيموا الصلاة وآتوا الزكاة وما تقدموا لأنفسكم من خير تجدوه عند الله إن الله بما تعملون بصير
۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.
1182111وقالوا لن يدخل الجنة إلا من كان هودا أو نصارى تلك أمانيهم قل هاتوا برهانكم إن كنتم صادقين
۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو.
1192112بلى من أسلم وجهه لله وهو محسن فله أجره عند ربه ولا خوف عليهم ولا هم يحزنون
ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نواڙيو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي، ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
1202113وقالت اليهود ليست النصارى على شيء وقالت النصارى ليست اليهود على شيء وهم يتلون الكتاب كذلك قال الذين لا يعلمون مثل قولهم فالله يحكم بينهم يوم القيامة فيما كانوا فيه يختلفون
۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.
1212114ومن أظلم ممن منع مساجد الله أن يذكر فيها اسمه وسعى في خرابها أولئك ما كان لهم أن يدخلوها إلا خائفين لهم في الدنيا خزي ولهم في الآخرة عذاب عظيم
۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.


0 ... 1.1 2.1 3.1 4.1 5.1 6.1 7.1 8.1 9.1 10.1 12.1 13.1 14.1 15.1 16.1 17.1 18.1 19.1 20.1 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

1284764421620275051311368394840832822