نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1077 | 7 | 123 | قال فرعون آمنتم به قبل أن آذن لكم إن هذا لمكر مكرتموه في المدينة لتخرجوا منها أهلها فسوف تعلمون |
| | | فرعون چيو ته اوھان منھنجي موڪل کان اڳي ئي اُن تي ايمان ڇو آندو آھي؟ ھيء (اوھان جو) فريب آھي (جو پاڻ ۾ گڏجي) ھن ڪري (ھن) شھر ۾ ڪيو اٿو ته سندس رھاڪن کي منجھانئس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ سگھو کي ڄاڻندو. |
|
1078 | 7 | 124 | لأقطعن أيديكم وأرجلكم من خلاف ثم لأصلبنكم أجمعين |
| | | اوھان جا ھٿ ءِ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس. |
|
1079 | 7 | 125 | قالوا إنا إلى ربنا منقلبون |
| | | چيائون ته بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون. |
|
1080 | 7 | 126 | وما تنقم منا إلا أن آمنا بآيات ربنا لما جاءتنا ربنا أفرغ علينا صبرا وتوفنا مسلمين |
| | | ۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين ته اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار. |
|
1081 | 7 | 127 | وقال الملأ من قوم فرعون أتذر موسى وقومه ليفسدوا في الأرض ويذرك وآلهتك قال سنقتل أبناءهم ونستحيي نساءهم وإنا فوقهم قاهرون |
| | | ۽ فرعون جي قوم جي سردارن (کيس) چيو ته موسىٰ ۽ سندس قوم کي ھن لاءِ ڇڏي ڏئين ٿو ڇا؟ ته مُلڪ ۾ فساد وجھن ۽ توکي ۽ تنھنجي معبودن (جي عبادت) کي ڇڏي ڏين؟ چيائين ته سندن پٽ سگھوئي ڪھنداسون ۽ سندين ڌيئرون ڇڏي ڏينداسون، ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آھيون. |
|
1082 | 7 | 128 | قال موسى لقومه استعينوا بالله واصبروا إن الأرض لله يورثها من يشاء من عباده والعاقبة للمتقين |
| | | مُوسىٰ پنھنجي قوم کي (دلگير ڏسي) چيو ته الله کان مدد گھرو ۽ صبر ڪريو، ڇوته ساري زمين الله جي آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي اُن جو وارث بڻائيندو آھي، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي. |
|
1083 | 7 | 129 | قالوا أوذينا من قبل أن تأتينا ومن بعد ما جئتنا قال عسى ربكم أن يهلك عدوكم ويستخلفكم في الأرض فينظر كيف تعملون |
| | | چيائون ته اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (به) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (به) ايذايا ويا آھيون، (مُوسى) چين ته اُميد آھي ته اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندؤ ته (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو. |
|
1084 | 7 | 130 | ولقد أخذنا آل فرعون بالسنين ونقص من الثمرات لعلهم يذكرون |
| | | ۽ بيشڪ فرعون جي قوم کي ڏڪار ۽ ميون جي گھٽتائيءَ ۾ گرفتار ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
|
1085 | 7 | 131 | فإذا جاءتهم الحسنة قالوا لنا هذه وإن تصبهم سيئة يطيروا بموسى ومن معه ألا إنما طائرهم عند الله ولكن أكثرهم لا يعلمون |
| | | پوءِ جڏھن اُنھن کي سُک پھتو ٿي ته چيائون ٿي ته ھيء اسان جو (لائق) آھي، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ڏک پھچندو ھو ته موسىٰ ۽ سندس سنگت کي نڀاڳو ڀائيندا ھوا، خبردار الله وٽ سندين ئي نڀاڳائي آھي پر منجھائن گھڻا نه ٿا ڄاڻن. |
|
1086 | 7 | 132 | وقالوا مهما تأتنا به من آية لتسحرنا بها فما نحن لك بمؤمنين |
| | | ۽ چيائون ته (اي موسى) جڏھن ڪڏھن ڪابه نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين ته اُن سان اسان تي جادو ڪرين ته اسين توکي مڃڻ وارا نه آھيون. |
|