نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1037 | 7 | 83 | فأنجيناه وأهله إلا امرأته كانت من الغابرين |
| | | پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي. |
|
1038 | 7 | 84 | وأمطرنا عليهم مطرا فانظر كيف كان عاقبة المجرمين |
| | | ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي. |
|
1039 | 7 | 85 | وإلى مدين أخاهم شعيبا قال يا قوم اعبدوا الله ما لكم من إله غيره قد جاءتكم بينة من ربكم فأوفوا الكيل والميزان ولا تبخسوا الناس أشياءهم ولا تفسدوا في الأرض بعد إصلاحها ذلكم خير لكم إن كنتم مؤمنين |
| | | ۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي. |
|
1040 | 7 | 86 | ولا تقعدوا بكل صراط توعدون وتصدون عن سبيل الله من آمن به وتبغونها عوجا واذكروا إذ كنتم قليلا فكثركم وانظروا كيف كان عاقبة المفسدين |
| | | ۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نه وھو ته جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو ته فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي. |
|
1041 | 7 | 87 | وإن كان طائفة منكم آمنوا بالذي أرسلت به وطائفة لم يؤمنوا فاصبروا حتى يحكم الله بيننا وهو خير الحاكمين |
| | | ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ انھن کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نه مڃيو آھي ته (اوھان کي جڳائي ته ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي. |
|
1042 | 7 | 88 | قال الملأ الذين استكبروا من قومه لنخرجنك يا شعيب والذين آمنوا معك من قريتنا أو لتعودن في ملتنا قال أولو كنا كارهين |
| | | سندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟) |
|
1043 | 7 | 89 | قد افترينا على الله كذبا إن عدنا في ملتكم بعد إذ نجانا الله منها وما يكون لنا أن نعود فيها إلا أن يشاء الله ربنا وسع ربنا كل شيء علما على الله توكلنا ربنا افتح بيننا وبين قومنا بالحق وأنت خير الفاتحين |
| | | جيڪڏھن اسين اوھان جي پر ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو الله اسان کي کانئس ڇڏايو موٽي اچون ته بيشڪ الله تي ڪُوڙ چيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نه جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شيئن کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين. |
|
1044 | 7 | 90 | وقال الملأ الذين كفروا من قومه لئن اتبعتم شعيبا إنكم إذا لخاسرون |
| | | ۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽوليءَ (پنھنجي يارن کي) چيو ته جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ ته اوھين اُتي جو اُتي ڇيئي وارا ٿيندؤ. |
|
1045 | 7 | 91 | فأخذتهم الرجفة فأصبحوا في دارهم جاثمين |
| | | پوءِ اُنھن کي زلزلي (جي عذاب) ورتو پوءِ پنھنجي جاين ۾ گوڏن ڀر ڪري مري ويا. |
|
1046 | 7 | 92 | الذين كذبوا شعيبا كأن لم يغنوا فيها الذين كذبوا شعيبا كانوا هم الخاسرين |
| | | جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڄڻڪ اُنھن (ڳوٺن) ۾ رھيا ئي نه ھوا، جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڇيئي وارا ھوا. |
|