نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1025 | 7 | 71 | قال قد وقع عليكم من ربكم رجس وغضب أتجادلونني في أسماء سميتموها أنتم وآباؤكم ما نزل الله بها من سلطان فانتظروا إني معكم من المنتظرين |
| | | چيائين ته بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (انھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن جي مڃڻ بابت الله ڪو دليل نه لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان. |
|
1026 | 7 | 72 | فأنجيناه والذين معه برحمة منا وقطعنا دابر الذين كذبوا بآياتنا وما كانوا مؤمنين |
| | | پوءِ ان کي ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون ۽ اُھي مؤمن نه هُئا. |
|
1027 | 7 | 73 | وإلى ثمود أخاهم صالحا قال يا قوم اعبدوا الله ما لكم من إله غيره قد جاءتكم بينة من ربكم هذه ناقة الله لكم آية فذروها تأكل في أرض الله ولا تمسوها بسوء فيأخذكم عذاب أليم |
| | | ۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالِح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (ته) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نه پُھچائجو نه ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو. |
|
1028 | 7 | 74 | واذكروا إذ جعلكم خلفاء من بعد عاد وبوأكم في الأرض تتخذون من سهولها قصورا وتنحتون الجبال بيوتا فاذكروا آلاء الله ولا تعثوا في الأرض مفسدين |
| | | ۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو. |
|
1029 | 7 | 75 | قال الملأ الذين استكبروا من قومه للذين استضعفوا لمن آمن منهم أتعلمون أن صالحا مرسل من ربه قالوا إنا بما أرسل به مؤمنون |
| | | سندس قوم مان وڏائي ڪندڙ سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو ته اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا ته صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي، اُنھن چيو ته جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون. |
|
1030 | 7 | 76 | قال الذين استكبروا إنا بالذي آمنتم به كافرون |
| | | وڏائي ڪندڙن چيو ته جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون. |
|
1031 | 7 | 77 | فعقروا الناقة وعتوا عن أمر ربهم وقالوا يا صالح ائتنا بما تعدنا إن كنت من المرسلين |
| | | پوءِ ڏاچيءَ جون کُچون ڪپي ڇڏيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالِح جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين ته جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ. |
|
1032 | 7 | 78 | فأخذتهم الرجفة فأصبحوا في دارهم جاثمين |
| | | پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪرڻ وارا ٿيا. |
|
1033 | 7 | 79 | فتولى عنهم وقال يا قوم لقد أبلغتكم رسالة ربي ونصحت لكم ولكن لا تحبون الناصحين |
| | | پوءِ (صالِح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آھيو. |
|
1034 | 7 | 80 | ولوطا إذ قال لقومه أتأتون الفاحشة ما سبقكم بها من أحد من العالمين |
| | | ۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ به نه ڪئي آھي؟ |
|