نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1003 | 7 | 49 | أهؤلاء الذين أقسمتم لا ينالهم الله برحمة ادخلوا الجنة لا خوف عليكم ولا أنتم تحزنون |
| | | ھيءُ اُھي (ماڻھو) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ ته الله مٿن ٻاجھ نه ڪندو، (کين چئبو ته) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ. |
|
1004 | 7 | 50 | ونادى أصحاب النار أصحاب الجنة أن أفيضوا علينا من الماء أو مما رزقكم الله قالوا إن الله حرمهما على الكافرين |
| | | ۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) ته ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا ته اُھي ٻئي ڪافرن تي الله حرام ڪيا آھن. |
|
1005 | 7 | 51 | الذين اتخذوا دينهم لهوا ولعبا وغرتهم الحياة الدنيا فاليوم ننساهم كما نسوا لقاء يومهم هذا وما كانوا بآياتنا يجحدون |
| | | جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا. |
|
1006 | 7 | 52 | ولقد جئناهم بكتاب فصلناه على علم هدى ورحمة لقوم يؤمنون |
| | | ۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون (۽) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن. |
|
1007 | 7 | 53 | هل ينظرون إلا تأويله يوم يأتي تأويله يقول الذين نسوه من قبل قد جاءت رسل ربنا بالحق فهل لنا من شفعاء فيشفعوا لنا أو نرد فنعمل غير الذي كنا نعمل قد خسروا أنفسهم وضل عنهم ما كانوا يفترون |
| | | (ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته اُن (جي وعدہ) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو سي چوندا ته بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون ته جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي ڇيئو لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو. |
|
1008 | 7 | 54 | إن ربكم الله الذي خلق السماوات والأرض في ستة أيام ثم استوى على العرش يغشي الليل النهار يطلبه حثيثا والشمس والقمر والنجوم مسخرات بأمره ألا له الخلق والأمر تبارك الله رب العالمين |
| | | اوھان جو پالڻھار اھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجه ٿيو، رات کي ڏينھن سان ڍڪيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي. |
|
1009 | 7 | 55 | ادعوا ربكم تضرعا وخفية إنه لا يحب المعتدين |
| | | پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو، ڇوته اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي. |
|
1010 | 7 | 56 | ولا تفسدوا في الأرض بعد إصلاحها وادعوه خوفا وطمعا إن رحمت الله قريب من المحسنين |
| | | ۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي. |
|
1011 | 7 | 57 | وهو الذي يرسل الرياح بشرا بين يدي رحمته حتى إذا أقلت سحابا ثقالا سقناه لبلد ميت فأنزلنا به الماء فأخرجنا به من كل الثمرات كذلك نخرج الموتى لعلكم تذكرون |
| | | ۽ اُھو (الله) آھي جو ھوائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، ايتري قدر جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيہ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ انھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙي طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو. |
|
1012 | 7 | 58 | والبلد الطيب يخرج نباته بإذن ربه والذي خبث لا يخرج إلا نكدا كذلك نصرف الآيات لقوم يشكرون |
| | | ۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اَدنىٰ آھي (تنھن جا سَلَا) خراب سَلَن کان سواءِ ٻيا نه ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون. |
|